ملير (رپورٽ : ناز شر) گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن  جي مالي سال 2025-2024 جي 3 ارب 14 ڪروڙ 8 لک 87 هزار 161 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، چيئرمين طارق عزيز بلوچ بجيٽ پڇيش ڪندي چيو ته آمدني جو ڪاٿو 3 ارب 14 ڪروڙ 8 لک 87 هزار 161 رپيا لڳايو آهي جڏهن ته 3 ارب 13 ڪروڙ 97 لک 22 هزار 451 رپيا پگهارن ۽ ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿيندا، جڏهن ته 11 لک 64 هزار 710 رپيا بچت ٿيندي، هن چيو ته او زيڊ ٽي ۽ ٻين ذريعن وٽان 2 ارب 74 ڪروڙ هڪ لک 20 هزار رپيا حاصل ٿيندا، جڏهن ته گڏاپ ٽائون جي اصل آمدني 40 ڪروڙ رپيا هوندي، هن چيو ته گڏاپ جي پاڻي واري اهم مسئلي لاءِ 15 ڪروڙ، روڊن رستن لاءِ سوا 6 ڪروڙ ، سيوريج لاءِ 8 ڪروڙ 30 لک، مختلف بلڊنگن جي اڏاوت لاءِ هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا، اسٽريٽ لائيٽ لاءِ ڏيڍ ڪروڙ، عوام ڀلائي (فلاح بهبود) لاءِ ساڍا 4 ڪروڙ ، پارڪ سنوارڻ لاءِ 1 ڪروڙ 60 لک، سالڊ ويسٽ لاءِ 5 لک ۽ جاري ترقياتي ڪمن جي رهتن جي ادائگي لاءِ ساڍا 47 ڪروڙ رپيا رکيا آهن