گيل پنهنجي شرٽ بابر اعظم ۽ بابر وري ڊوائن براوو کي ڏني

0
208

جميڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي20 سيريز جي خاتمي باوجود رانديگر ميڊيا ۾ آهن. ميچ بعد رانديگرن پنهنجون شرٽون هڪٻئي کي ڏنيون. ويسٽ انڊيز جي مشهور بيٽسمين ڪرس گيل پنهنجي شرٽ پنهنجي آٽوگراف سان پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم کي ڏني. جڏهن ته بابراعظم وري پنهنجي شرٽ تي آٽوگراف ڏئي آل رائونڊر ڊوائن براوو کي ڏني. ياد رهي ته ڊوائن براوو ٽي 20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. هن پنهنجي ملڪ ۾ ڪالهه پاڪستان خلاف آخري ميچ کيڏي.