ڪراچي (نمائندن وٽان) گيسٽرو ۽ مليريا وگهي وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته سنڌ جي اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻاٺ آهي. پيرولاشاري ڀرسان ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ 5 سال جو ٻارڙو آريان علي پٽ محمد عيسيٰ جوڻيجو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو.  خيرپور ويجهو ڳوٺ نور احمد جاگيراڻي ۾ 6 ورهين جو شاھزيب جاگيراڻي ۽ 14 سال جي شازيه جاگيراڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا. هوڏانهن وڌيڪ 500 گيسٽرو مريض عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي سٽي ۽ سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هوڏانهن صحت کاتي خيرپور جي انتظاميا پاران گيسٽرو جي روڪٿام لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کڻڻ  سبب مرض وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. هوڏانهن پيرجو ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گيسٽرو ۾ واڌ سبب وڌيڪ 50 مريض کي اسپتال داخل ڪيو ويو. رتيديري ڀرسان بنگلديرو گرلز اسڪول ۾ رهندڙ پورهيت عبدالوحيد خاصخيلي جي ٽن مهينن جي ڌيءُ بينظير گيسٽرو وگهي فوتي ٿي وئي. ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي مليريا ۽ گيسٽرو ڦهلجي ويون، ڪالهه 2 ڄڻا 10 سالا نينگري شھنيلا تيوڻو ۽ 14 سالا نينگر شايان عالماڻي گيسٽرو ۽ مليريا وگهي فوت ٿي ويا، ٺارو شاهه ويجهو 60 سال جو مجنو سولنگي فوت ٿي ويو. مقصودو رند ويجھو ڳوٺ رئيس بروهي ۾ 7 سالا ٻالڪ نديم ولد شمن لغاري مليريا سبب فوت ٿي ويو، ڏوڪري جي ڪچي واري ڳوٺ گاجيديرو ۾ نوجوان مٺل عرف بگن شيخ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو. نئون ڳوٺ ۾ 2 ڏينهن اڳ ٻوڏ متاثر ڳوٺ عمر شيخ جو رھواسي رجب شيخ گيسٽرو سبب ڪئمپ تي بيحال ٿي ويو ھو، جنهن کي ڏوڪري جي سرڪاري اسپتال ۾ وارث کڻي ويا ھئا، جتي ھو فوت ٿي ويو . نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ احمد خان کوسو ۾ 18 سالن جي ڪائنات ڌيءُ محمد خان کوسو گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، وارثن لاش روڊ تي نٽھڻ اس ۾ رکي ڌرڻو هنيو،