ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڦهليل گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، 5 ٻارڙن سميت وڌيڪ10  ڄڻا فوت، ڪيترائي مبتلا، اسپتال داخل، علاج جون سهولتون اڻلڀ، صحت کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو، خبر موجب سنڌ ۾ ڦهليل گيسٽرو تي اڃا تائين ضابطو اچي نه سگهيو آهي، مورو ڀرسان ڳوٽ والو زرداري ۾ 3 سالن جي  ذاڪريا فوت ٿي وئي، ڪالهه شيخ ڀرڪيو ۾ گيسٽرو سبب 5 ورهين جو ماجد ماڇي فوت ٿي ويو، نيوسعيدآباد جي ڳوٺ پير بخش کوسو ۾ 2 ورهين جو عبدالڪريم پٽ حضور بخش ۽ ڳوٺ ڀائي خان سھيبجو واسڻ 55 ورهين جي عصمت خاتون زال عالم گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، ڪنگري جي ڳوٺ غلام محمد جاگيراڻي واسي پورهيت نادر جاگيراڻي جو پٽ ۽ ڳوٺ محمد شريف جاگيراڻي واسي پورھيت ظھير احمد جاگيراڻي جو پٽ گيسٽرو وگهي خيرپور جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، ڏوڪري ۾ 6 سالن جو جميل زهراڻي تعلقه اسپتال ۾ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ مريضن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي،  ڀرياروڊ ۽ آسپاس ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڪالهه ڳوٺ محمد بچل لھراڻي ۾ 16 سالن جو تاج محمد لھراڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، گمبٽ ۾ ويجهو ڳوٺ ابوبڪر ماڇي واسي 18 سالن جو نوجوان ناظم علي چنو فوت گيسٽر وگهي فوت ٿي ويو، وڌيڪ 52 مريضن کي گمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪنڊيارو جي ڳوٺ ٻيڙي مڱريا ۾ نوجوان ٻڍل مڱريو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مختلف ڳوٺن جا 15 کان وڌيڪ ماڻهو گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي گيسٽرو پکڙجي وئي آهي، ڪالهه چئن عورتن سميت 12 مريضن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، مريضن ۾ احسان، عبدالهادي، حسين، گلزار، سجاد علي، مسمات شبانه، فاطمه، ڪومل، محمد فريد، ثانيه، ضامن علي ۽ مير علي شامل آهن، فيض گنج تعلقي ۾ گيسٽرو سبب هڪ ڏينهن اندر 24 مريضن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، خيرپور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 82 ٻارڙا سٽي اسپتال داخل ڪيا ويا، جن ۾ ارم، محمد ولي، عبدالله، نصير، سونا، ستارا، غلام علي، نعيم الله، ريحان، منظوران، فاطمه ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته اسپتال ۾ بيڊن جي سخت کوٽ پيدا ٿي پئي آهي،