ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل ٻولين جي ترجمي جي پنهنجي سروس گوگل ٽرانسليٽ ۾ 110 وڌيڪ ٻولين جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ڪمپني طرفان بلاگ پوسٽ ۾ نئين ٻولين جي واڌ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته گوگل ٽرانسليٽ ٻولين جون رڪاوٽون ٽوڙيندو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ڀرپاسي دنيا سان جڙيو رهڻ ۽ سٺي طريقي ۾ سمجهڻ لاءِ مدد ملي سگهي.

گوگل طرفان نئين ٻولين ۾ پنجابي، شاهمکي، بلوچي،دري،افار ڪينٽونير، مينڪس ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.

پنجابي ٻولي جي باري ۾ گوگل جو چوڻ آهي ته اها فارسي، عربي رسم الخط ۾ لکي ويندڙ پنجابي جي هڪ قسم آهي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻو ڳالهائي ويندڙ ٻولي به آهي.

ڪمپني موجب نيون شامل ڪيل ٻوليون دنيا ۾ 61 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڳالهائيندا آهن يا دنيا جي لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪنديون آهن.

گوگل ٽرانسليٽ ۾ 110 ٻولين کي شامل ڪرڻ آرٽيفشل انٽيليجنس جي ذريعي هڪ هزار ٻولين کي سپورٽ ڪرڻ جي انهي قدم جو حصو آهي، جنهن جو اعلان 2022ع ۾ ڪيو هو.