ڪراچي ( شوبز نيوز ) مشهور اداڪارا زارا نور عباس انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڪڏهن گوشت کي هٿ به ناهي لاتو. هڪ انٽرويوءَ دوران زارا نور عباس چيو ته هوءَ گوشت جي ويجهو به ناهي ويندي، ايستائين جو قرباني جو گوشت ڏسندس به ناهيان. هن چيو ته چيو ته هن ڀيري عيد الاضحيٰ تي پنهنجي والدين جي گهر آهيان جڏهن پنهنجي ساهرن ۾ هوندي آهيان اتي منهنجي سس ئي قرباني جو سمورو گوشت ڏسندي آهي. اداڪارا چيو ته کاڌو ناهيان رڌيندي جڏهن ته مڙس سدائين مونکي ڪجهه تيار ڪرڻ جي درخواست ڪندو رهندو آهي پر هن دفعي مون سوچيو آهي ته پنهنجي مڙس لاءِ نمڪين گوشت ٺاهينديس. زارا نور وڌيڪ چيو ته اسد ۽ سندس ڀائر گوشت کائڻ جا شوقين آهن، انڪري مون نمڪين گوشت جي چونڊ ڪئي آهي.