ڪراچي: گورک ھل اسٽيشن جاگرافيائي لحاظ کان اتر ۾ نئين گاج،  اولهه ۾ بلوچستان جي ضلعي خضدار  جون حدن، ڏکڻ ۾ ڪارو ڪوٽ ۽ گورک جي وچ وارو پھاڙي علائقو ۽ اوڀر ۾ 35  ڪلوميٽر روڊ جي پوائنٽ تائين پکيڙ رکي ٿي، ذريعن موجب  گورک اٿارٽي ٺاهڻ وقت ماسٽر پلان پڻ تيار ٿيو هو،  ان وقت سياحت کاتو وفاق جي ماتحت ھجڻ ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه زمين اٿارٽي حوالي ڪري ماسٽر پلان ترتيب ڏنو ويو،  2013ع  بعد ٽوئرسٽ ھٽ ھوٽل، ريسٽ روم، بينظير ويو پوائنٽ وٽ سموري تعمير ماسٽر پلان جي ابتڙ ھٿرادو نقشي جي بنياد تي ڪئي وئي، ذريعن موجب ماسٽر پلان جي ايراضي ۾ آيل زمين تي پلاٽ ٺاهي وڪرو ڪيا ويا آھن، جتي وڏي پيماني تي گھر تعمير بـ ٿي چڪا آھن.