گورک تي وڻڪاري منصوبي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف

0
246
گورک اٿارٽي ۾ مالي بي قاعدگيون: وزيراعليٰ پاران جاچ جو حڪم: پي ڊي کي ايڪسپلينشن
گورک اٿارٽي ۾ مالي بي قاعدگيون: وزيراعليٰ پاران جاچ جو حڪم: پي ڊي کي ايڪسپلينشن

ڪراچي: سياحتي ماڳ گورک تي وڻڪاري لاءِ مليل ڪروڙين رُپيا فنڊز ڪرپشن ۽ گهوٻين جي ور چڙهي ويا، ٽائيم نيوز گورک جي فنڊز بابت آڊيٽر جنرل جي رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آھي

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته  3 ڪروڙ 96 لک رُپين جي فنڊز مان خاول لڪ تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڻ پوکيا ويا، اُنهن وڻن جي به سار سنڀال نه ڪئي وئي، آڊٽ ٽيم گورک جو دورو ڪيو ته اُتي وڻڪاري نظر نه آئي، رپورٽ ۾ ٻن سالن دوران وڻڪاري منصوبي ۾ 3 ڪروڙ 96 لک رُپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آھي.