ڪراچي: گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي رفيعه حليم گورک جي زمين جي سروي واري معاملي کان لاعلمي  ( بي خبري ) ظاهر  ڪئي،  پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون حيدرآباد ۾ آهيان، ان معاملي بابت ڄاڻ ناهي، آفيس وڃي ئي ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي. ٻئي طرف گورک  اٿارٽي جي گورننگ باڊي جي ميمبر  ۽ جوهي مان چونڊيل  پ پ ايم پي اي سيد صالح شاهه جيلاني ٻڌايو ته کيس گورنننگ باڊي جي ميمبر  هجڻ بابت نوٽيفڪيشن ناهي مليو،  جڏهن  مليو ته اوهان کي ڪجهه ٻڌائي سگهندس.