گوجرا موٽر وي تي اجتماعي زيادتي واري ڪيس جو ڊرامائي ڊراپ سين

0
361
ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس ٿاڻي تي 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو
ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس ٿاڻي تي 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو

گوجرا (م ڊ) ايم 4موٽر وي تي ڪار ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ حيران ڪندڙ موڙ سامهون اچي ويو، ڊي ايس پي گوجرا وقار احمد پريس ڪانفرنس جي دوران اڳڀرائي ۽ ڊراپ سين بابت ٻڌائيندي چيو ته مبينا متاثر ناري ۽ ڪيس جي فريادڻ ماڻهن کان پئسا ورتا، متاثر ناري ۽ ڪيس جي فريادڻ بين الضلاعي گينگ جون به ميمبر آهن

ڊي ايس پي موجب مبينا متاثر عورت ۽ فريادڻ منصوبو ٺاهي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ جوابدارن کان 50 لک رپيا طلب ڪيا هئا، انهن جو گروهه 2ڪيسن ۾ ماڻهن کان وڏي رقم حاصل ڪري چڪو آهي، ڊي ايس پي ميان وقار احمد موجب، اجتماعي زيادتي جو ڪيس 10 آڪٽوبر تي ٿاڻي سٽي ۾ متاثر ناري جي ماسي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

لاهور: هڪ ئي پاڙي ۾ 5ٻارڙن سان زيادتي، 2 جوابدار گرفتار