اسلام آباد: احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته ڏاڍو مزو ايندو آهي جڏهن گهڻا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، نواز شريف جي وڪيل قاضي مصباح چيو ته ماڻهو اهڙي ڪنهن شخص جي پٺيان گڏ نه ٿيندا آهن جنهن تي اعتماد نه هجي، جج محمد بشير چيو ته بس هاڻي بس، توهان هاڻي سياسي ڳالهه پيا ڪيو، جج جي تبصري تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.