گهٽ ۾ گهٽ اجرت وارو قانون

0
259
گهٽ ۾ گهٽ اجرت وارو قانون

  2008ع کان وٺي 15 سالن تائين سنڌ صوبي جي وڏ- وزارت جي منصب تي مراد علي شاهه ئي رهيو آهي. ان عرصي جي دوران سنڌ ۾ پورھيتن جي اجرت ۾ رڳو 19 هزار رپين جو اضافو ٿيو آهي. پنجن سالن (2008-2013) جي عرصي ۾ اُجرت صرف 3400 رپيا وڌي ھئي. نوازشريف جي پنجن سالن (2013-2018) دوران 7 ھزار روپيا پگھارون وڌايون ويون ھيون. پوءِ سنڌ حڪومت به مجبوري ۾ پگهار وڌائي ھئي. چئن سالن (2018-2022) ۾ 1300 روپين جو اضافو ڪري ساڍا 17 هزار رپيا ڪئي ويئي ھئي. اپريل 2022 کان وزير اعظم 25 ھزار روپيا، جڏھن ته سنڌ سرڪار جون 2022 ۾ 25 ھزار روپيا مقرر ڪئي ھئي. ھن سال 2023 ۾ وفاقي سرڪار 32ھزار رپيا،  جڏھن تہ سنڌ سرڪار گھٽ ۾ گھٽ پگھار 35500 رپيا في مھينو مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.

                 اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻندڙ صوبي جي اعليٰ قيادت، مزدورن جي علمبردار، سنڌ حڪومت غيرھنرمند ۽ ھنرمند ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ منيمم ويج بورڊ حوالي ڪندي آھي. هي ريفرنس سيڪريٽري آف ليبر طرفان گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري بورڊ ڏانهن موڪليو ويندو آھي، جنهن جي روشنيءَ ۾ بورڊ جو چيئرمين بورڊ جي ميمبرن جو هڪ اجلاس سڏائيندو، جنهن ۾ چار مزدورن جا ۽ چار سرمائيدارن جا نمائندا هوندا آهن. سڀئي ميمبر جيڪڏهن اتفاق راءِ سان ڪو به فيصلو ڪندا آهن، يا اختلاف جي صورت ۾ ڪابينا بورڊ پاران سنڌ حڪومت کي موڪليل سفارشن جي روشني ۾ فيصلو ڪندي آھي. وري اهو فيصلو بورڊ وٽ ويندو آهي. بورڊ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني به ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ اهو حڪومت ڏانهن واپس ويندو، جيڪو به فيصلو ٿيندو، اهو حتمي هوندو. ارڙھين ترميم کان پوءِ نه ته وفاقي ۽ نه ئي ڪا صوبائي حڪومت پنهنجي طور تي بجيٽ ۾ ڪو اعلان ڪري سگهي ٿي. ان تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏئي چڪي آهي پر ان باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اهڙا اعلان ڪري رهيون آهن، جيڪي قانون جي خلاف آهن.جيئن ھن سال سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ بجيٽ پيش ڪندي پورھيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35500 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. وزير اعليٰ کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائڻ جو اختيار ئي ناهي. سنڌ منيمم ويج بورڊ کي اختيار آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائي. هي ويج بورڊ ٽن طرفي بنيادن تي ڪم ڪري ٿو، جنهن جي سربراهي بورڊ سيڪريٽري ڪندو آهي. هن بورڊ ۾ ميمبرن جو تعداد پورو نه آهي. سنڌ جي وڏي وزير گذريل سال جي بجيٽ ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي سرمائيدارن جي تنظيم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. عدالتن چيو ته حڪومت کي اجرت وڌائڻ جو ڪو به اختيار ناهي. گھٽ ۾ گھٽ اجرت کي مقرر ڪيل طريقي سان وڌائي سگھجي ٿو. وڏي عرصي کانپوءِ سنڌ منيمم ويج بورڊ گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائي 25 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.  ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز ۽  صنعتڪار آهن، جن ماضي جون رهتون به ادا نه ڪيون آھن. اڄ به 95 سيڪڙو فيڪٽرين ۾ 12 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17 هزار کان 20 هزار رپيا آهي.

بجيٽ جي اعلان جو ٻيو مهينو جاري آهي، پر غيرھنرمند ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري ناهي ڪيو ويو. اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ اجرت بورڊ ڪيترن ئي سالن کان سرمائيدارن جو اوزار رهيو آهي. 2010ع ۾ جڏهن گهٽ ۾ گهٽ اجرت 7 هزار هئي، تڏهن ان وقت جي محنت واري وزير امير نواب کي چيو ھو ته توهان جي آفيس سان گڏ منيمم ويج بورڊ جي چيئرمين جي سيٽ تي ڪو آفيسر مقرر ڪريو ته جيئن اسان جي نوٽيفڪيشن جو مسئلو حل ٿئي. ان وقت به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سيڪيورٽي گارڊ جي درخواست تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. 2014ع ۾ جڏهن گهٽ ۾ گهٽ اجرت 10 هزار مان وڌائي 12 هزار ڪئي وئي هئي ته ان وقت بہ منيمم ويج بورڊ جو چيئرمين 9 مهينن تائين مقرر ئي نه ڪيو ويو ھو. مارچ 2015ع ۾ پوسٽنگ ٿي ته نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. منيمم ويج بورڊ جي اها تاريخ رهي آهي ته جڏهن به گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عمل ڪرڻ جو وقت ايندو آهي ته حڪومت جا طاقتور ماڻهو چيئرمين کي هٽائي سرمائيدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ته نوٽيفڪيشن تي ڪم جاري آهي، جنهن تي عمل جاري آهي ۽ جلد جاري ڪيو ويندو. ليبر کاتي سنڌ حڪومت جي سستي رڳو سرمائيدارن کي فائدو پهچائڻ جو عمل آهي. نوٽيفڪيشن کي دير سان جاري ڪرڻ تي سنڌ جا پورھيت اضافي پگھار کان محروم ٿين ٿا ۽ ان عرصي دوران جيڪي ملازم اوور ٽائيم ڪم ڪن ٿا، يا ان عرصي جي دوران ادارو پورهيتن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏي ٿو، يا ملازم پاڻ ڇڏي وڃن ٿا يا اھي پورهيت جيڪي ان عرصي جي دوران وفات ڪري وڃن ٿا يا وري ريٽائر ٿين ٿا، انهن سڀني صورتن ۾ پورهيتن کي ڪجھ به نٿو ملي.جيئن ته هر سال مالياتي بجيٽ کان پوءِ پهرين جولاءِ کان سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان تي عملدرآمد جولاءِ کان ئي شروع ٿي ويندو آهي. ليبر کاتي کي پابند ڪيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي ٽه طرفي ڪميٽي جو اجلاس هر سال مارچ کان مئي ۾ ٿيندو رهي ته جيئن ان جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ پوءِ بجيٽ دستاويز سميت اسيمبليءَ جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي پورھيتن کي سرھائي نصيب ٿئي.