گهوٽڪي: پرائيويٽ ماڻهن سان گڏ ويل ٻن پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو

0
162
گهوٽڪي: پرائيويٽ

گهوٽڪي (ن پ ا) پنجاب ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پرائيويٽ ماڻهن سان گڏ ويل عادلپور ٿاڻي جي ٻن پوليس اهلڪارن کي علائقي واسين يرغمال بڻائي ڪٽڪو ڏئي ويهاري ڇڏيو

عادلپور ٿاڻي جو ننڍو منشي پوليس اهلڪار حفيظ ڌانڌو ۽ شڪيل ڪلوڙ پرائيوٽ ماڻهن سان گڏجي پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ مان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پهتا ته ڳوٺاڻن پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو

ذريعن موجب ته ڳوٺاڻن يرغمال بڻايل پوليس اهلڪارن حفيظ ڌانڌو ۽ شڪيل ڪلوڙ کي تذليل جو نشانو بڻائي مرغو بڻائي تشدد ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي عادلپور ٿاڻي جي پوليس ٻنهي پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن وقت پوليس اهلڪارن کي راجنپور جي محمد پور ديوان ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس اهلڪار دوستن جي ونگار ۾ کوسا برادري جي ماڻهن کان اوڌر جا پئسا وٺڻ ويا هئا جن کي ڳوٺاڻن پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جن جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن

ھي به پڙھندا

حيدرآباد: بلديا ٿاڻي جي پوليس ۽ منشيات فروش آمهون سامهون