گهرو اڻبڻت تان نئين پرڻيل ڪنوار خودڪشي ڪري ڇڏي

0
473

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي سوري زئي ۾ نئين پرڻيل ڪنوار گهريلو جهيڙن کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته عورت مڙس ۽ ڏيرن سان هلندڙ تڪرار سبب تنگ اچي عورت پاڻ تي فائر ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نئين پرڻيل عورت دم ڏئي ڇڏيو

پوليس موجب ڇوڪري جي جي خودڪشي جي واقعي جو ڪيس ٿاڻي انقلاب ۾ داخل ڪيو ويو، نئين پرڻيل ڪنوار جو موت سيني ۾ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿيو، عورت جي ٻه مهينا اڳ شادي ٿي هئي

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي زخمي حالت ۾ بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ هُن خودڪشي جو سبب گهريلو اڻبڻت ٻڌايو هو

پوليس موجب شروعاتي طور تي 325 قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

ڪوٽڙي: پيٽارو روڊ تان ڳوٺاڻن کي حواس خطا ٿيل ناري هٿ