گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ رِڇ خوف جي علامت بڻيل

0
238

ڪيليفورنيا (دلچسپ نيوز)  ڪيليفورنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ گهربل جانور هڪ رڇ آهي جيڪو خوراڪ جي ڳولا ۾ درجنين گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري چڪو آهي. هينڪ دي ٽينڪ نالي هن رڇ جو وزن 500 پائونڊ (223 ڪلوگرام) آهي ۽ 25 گهرن ۾ گهري ڀڃ ڊاهه ڪري چڪو آهي

خوف ۽ دهشت جو شڪار ماڻهن کي نظر ۾ رکندي کيس پڪڙڻ يا مارڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ڪيترن ئي گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ رڇ هاڻي خوف جي علامت بڻيل آهي. اهو گذريل 8 مهينن کان بار بار ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ڏسڻ کان پوءِ جانور کاتي جي عملدارن کي 150 ڀيرا فون ڪيو ويو پر هر ڀيري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.