گهارو/مورو (نمائندن وٽان) گھارو ٿاڻي جي اسٽور روم ۾ گوليون لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ پوليس اي ايس آءِ علي گل چانڊيو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ محمد ابراهيم چانڊيو ۾  ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، مرحوم کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف اي ايس آءِ  جي پيرسن پيءُ غلام علي چانڊيو، معصوم پٽ گلبھار، ڀائرن علي گوھر، جان محمد، سئوٽ علي شير ، علي مراد، دودو ، ماروٽ معشوق، اصحاب چانڊيو ۽ ٻين اهلڪار جي  قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته اي ايس آءِ علي گل چانڊيو  بھادر آفيسر ھو، جيڪو خودڪشيءَ نه ٿو ڪري سگهي،  واقعي کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏئي اصل حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهلڪار جي پيرسن پيءُ غلام علي چانڊيو چيو ته پٽ کي اتي جي پوليس رشوت وٺي مارايو آھي، پٽ کي 4 گوليون لڳل آهن، ظلم ٿيو آهي، منھنجو اڪيلو سھارو مون کان کسيو ويو آھي،  جڏھن ته اهلڪار جي معصوم پٽ گلبھار چانڊيو جو چيو ته منھنجي پيءُ خودڪشيءَ ناھي ڪئي، ان کي گھارو ٿاڻي جي ايس ايچ او پئسا وٺي مارايو آھي  علي شير چانڊيو چيو ته سئوٽ  کي 2 فٽ تان گوليون هڻي ماريو ويو آهي، نوٽيس وٺي واقعي جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي طرف گهارو ٿاڻي تي اڃا تائين واقعي جي رپورٽ داخل نه ٿي سگهي آهي، ايس ايس پي ٺٽو پاران پنهنجي بالا آفيسرن کي ليٽر لکي چيو آهي ته مون کي ايس ايچ او گهارو واقعي جو اطلاع ڏنو، جنهن بعد واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهيان، ايس ايس پي موجب هن مهل تائين ٿيل جاچ ۾ واقعو اتفاقي طور تي ٿيو آهي،