ٺٽو (رپورٽر) گهارو پوليس مقابلي ڪيس جي ٻڌڻي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي عدالت ۾ ٿي، جتي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل هاري صدر ولهاري جي فريادڻ ماسي شريفان ولھاري ۽ صدر ولھاري جي گھر واري دادلي ولھاري پنھنجي وڪيلن سجاد چانڊيو، ڪامريڊ علي حسن ملاح ۽ ٻين سان گڏ عدالت پيش ٿيون، ان موقعي تي عدالت ۾ شريفان ولھاري پنھنجي داخل ڪيل 22 اي جي درخواست تان ھٿ کڻي ورتو، جنهن بعد صدر ولهاري جي گھر واري دادلي ولھاري پاران داخل ڪرايل 22 اي درخواست تي عدالت ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت جي احاطي ٻاهران ڳالھائيندي فريادڻ دادلي ولھاري چيو ته کين عدالت مان انصاف جي اميد آهي، عدالت سندس مڙس صدر ولهاري جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندس خون سان انصاف ڪرائيندي.