گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ پوليس پاران بنا جواز پيرسن محمد امين اڄڻ کي گهر تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف سياسي، سماجي ڌرين پاران پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي هالار رتڙ، امتياز ماڇي، ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ ٻين چيو ته گمبٽ پوليس بنا جواز پروفيسر گدا حسين اڄڻ جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري سندس 70ورهين جي پيرسن محمد امين اڄڻ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙن اپيل ڪئي ته بنا جواز گرفتار ڪيل پيرسن محمد امين اڄڻ کي آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن گمبٽ پوليس ٻڌايو ته پيرسن تي اين سي داخل هئي، ڌريون راضي ٿيڻ بعد پيرسن کي آزاد ڪيو ويو.