گمبٽ ۾ شاگرد اسامه کھڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جزوي ھڙتال

0
221
گمبٽ ۾ شاگرد اسامه کھڙو

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ۾ پنج ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل شاگرد اسامه کھڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف گمبٽ ۾ جزوي ھڙتال ڪئي وئي، مقتول نوجوان جي وارثن ۽ شھرين پاران وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاج پڻ ڪيو ويو، گمبٽ جي شاھي بازار، ريشم گلي، وڏو پڙ، شيخ چونڪ ۽ ٻيا علائقا بند آهن، مقتول شاگرد اسامه کهڙو جي وارثن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، شاگرد اسامه کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.