گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ پپري ۾ نوجوان فقير محمد جوڳي گھرو پريشانين کان تنگ اچي نشي آور گوريون کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته نوجوان گھر ۾ نشي آور ٽيبلٽ کاڌيون هيون، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر آندو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جو مڙهه گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.