گمبٽ (ن پ ا) ٻه ڏينهن اڳ اڳڙا لنڪ روڊ تي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان شوڪت سولنگي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گمبٽ پوليس ڳوٺ قيصر شاهاڻي تي چڙهائي  ڪري گهرن ۾ پيل سامان کي باهه ڏيڻ بعد ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ايس ايچ او گمبٽ ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ اڳڙا لنڪ روڊ تي نوجوان شوڪت سولنگي کي هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا. قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ قيصر شاهاڻي تي چڙهائي ڪئي، جوابدار اڳ ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا، هن چيو ته جوابدار پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪن ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.