گمبٽ (ن پ ا) ٽي ڏينهن اڳ اڳڙا لنڪ روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان شوڪت علي سولنگي جو قتل ڪيس شاهاڻي برادري جي پنج سڃاتل ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو، پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته شاهاڻي برادري جي ڌر سان پراڻي دشمني هلندڙ آهي، جوابدار الهڏنو، نورل، مٺل، علي رضا، فيض محمد شاهاڻي سميت هڪ اڻ سڃاتل جوابدار نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو. وارثن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان شوڪت علي سولنگي جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.