اسلام آباد (بيورو رپروٽ) وفاق پاران گلگت بلتستان ۾ سيڪيورٽي ادارن جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، تفصيل موجب ذريعن مطابق گلگت بلتستان ۾ پاڪ آرمي جي مقرري ۾ 30 جون 2024ع تائين هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي آهي، فوج سي پيڪ منصوبن، شاهراهه قراقرم سميت سيڪيورٽي تي مقرر هوندي، گلگت بلتستان ۾ پنجاب رينجرز جي مقرري ۾ به هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، رينجرز جي مقرري ۾ 24 آڪٽوبر 2024ع تائين واڌ ٿيندي، جي بي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي مقرري ۾ به پڻ هڪ سال جي لاءِ 30 جون 2024ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جي بي اسڪائوٽس جي ڪجهه پلاٽونز جي مقرري 23 آگسٽ 2024ع تائين هوندي. وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي گهرو وزارت جي سمري منظور ڪئي آهي، ذريعن مطابق گلگت بلتستان حڪومت انٽرنل  سيڪيورٽي لاءِ سيڪيورٽي فروسز جي مقرري ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.