گلوبل وارمنگ سبب سڄي دنيا ۾ گرمي جي موتمار لھر

0
23
گلوبل وارمنگ سبب سڄي دنيا ۾ گرمي جي موتمار لھر

 سڄي دنيا ۾، خاص ڪري سعودي عرب، پاڪستان، ڀارت، ٿائلينڊ ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، هن سال گرميءَ جي لهر جي شدت ۾غيرمعمولي اضافو ڏٺو ويو آهي، ھاڻي انھيءَ لھر جا اثر آمريڪا ۽ يورپ تي به پئجي رھيا آھن.گرميءَ جي لهر هڪ اهڙي حالت کي چئبو آهي، جڏهن ڪنهن علائقي ۾ گرمي تمام گھڻي وڌي وڃي ۽ اها گرمي ڪجهه ڏينهن يا هفتن تائين جاري رهي. گرميءَ جي لهرن جو اثر مختلف علائقن ۾ مختلف هوندو آهي، پر عام طور تي انهن جي نتيجي ۾ انساني صحت جا مسئلا، زرعي نقصان ۽ معاشي نقصانات ٿين ٿا. گرميءَ جون لهرون نه صرف انساني صحت لاءِ خطرن جو سبب بڻجي رهيون آهن، پر اهي معاشي ۽ سماجي اثرات پڻ ڇڏي رهيون آهن.

                 سائنسدانن جو چوڻ آهي ته موسمي تبديليون ۽ گلوبل وارمنگ، گرميءَ جي لهرن جي شدت ۽ تعداد ۾ اضافي جو اهم سبب آهن. گرين هائوس گيسز (ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ، ميٿين، نائٽرس آڪسائيڊ ۽ ٻيون) جي وڏي مقدار ۾ خارج ٿيڻ جي ڪري عالمي گرميءَ جي سطح وڌي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گرميءَ جون لهرون سخت گرم ۽ ڊگھي عرصي تائين ھلن ٿيون. ايلنينو ۽ لانينا جهڙيون موسمي حالتون پڻ گرميءَ جي لهرن تي اثرانداز ٿين ٿيون. ايلنينو دوران، عالمي سطح تي گرمي وڌي ويندي آهي، جڏهن ته لانينا دوران ڪجهه علائقن ۾ ٿڌ وڌي ويندي آهي. ھن سال جولائي تائين ايلنينو ۽ ماحولياتي حالتن ۾غيرمعمولي تبديلين سبب گرميءَ جي لهرن ۾ وڌيڪ شدت قائم رھي سگھي ٿي. عالمي رڪارڊ موجب سال 2023 ٻن ھزار سالن ۾ دنيا جو گرم ترين سال ھو ۽ 2024 گذريل سال کان وڌيڪ گرم ۽ موتمار آھي.

دنيا ۾ 17هين صدي جي صنعتي انقلاب کان وٺي، انساني سرگرمين جهڙوڪ صنعتن، ريلن ۽ ٻئي ٽرانسپورٽ ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي استعمال، ٻيلن جي وڍائي ۽ زرعي سرگرمين جي ڪري گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو گرميءَ جي لهرن جي شدت ۾ اضافي جو اهم سبب آهي. ھن سال موتمار گرمي جون لهرون  آسٽريليا کنڊ کي ڇڏي ڪري باقي چئن براعظمن جي آبادين کي ساڙي رهي آهي. خاص طرح شھر جيڪي وڻن کان خالي آھن، انھن ۾ ائ يرڪنڊيشنن جو گھڻو استعمال شھرن جي گرمي پد کي وڌائي رھيو آھي. ھن وقت تائين دنيا ۾ ھڪ اندازي موجب گرمي جي لھر سبب ھزارين ماڻھو موت جو شڪار ٿي چڪا آھن. صرف سعودي عرب ۾ حج جو فرض ادا ڪندي ھزار کان وڌيڪ ماڻھو مري چڪا آھن، جنھن ۾گھڻائي مصر جي ملڪ جي ماڻھن جي آھي. مصري طبي ۽ سيڪيورٽي ذريعن رائٽرز نيوز ايجنسي کي ٻڌايو آھي ته گهٽ ۾ گهٽ 530 مصري فوت ٿي ويا، جڏهن ته حج ۾ حصو وٺڻ دوران، باقي 40 لاپتا آهن. پر جيئن ته مرندڙن جو وڏو تعداد غير رجسٽرڊ حاجين جو آھي انڪري مرندڙن جي اصل تعداد جي خبر پئجي نه سگھي آھي.

يو ايس نيشنل اوشينڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن جي ارٿ آبزرويٽري جي مطابق، ميڊيٽرينين جي آس پاس جي ملڪن ۾ پڻ ٻن هفتن کان تيز گرمي آهي، جنھن جي ڪري پرتگال کان يونان ۽ الجيريا ۾ آفريڪا جي اترين ساحل سان گڏ ٻيلن ۾ باھيون لڳل آھن، جن کي وسائڻ مشڪل ٿي ويو آھي. ڏکڻ يورپ ۾ موسميات جي ماھرن اڳڪٿي ڪئي آھي ته آفريڪا کنڊ جون گرم ھوائون موسم کي وڌيڪ گرم رکنديون. جنھن جي ڪري ڊاڪٽرن ماڻھن کي مشورو ڏنو آھي ته گھرن کان گھٽ نڪرو، وڌيڪ پاڻي جو استعمال ڪريو.

آمريڪا جي قومي موسمياتي کاتي جي مطابق، آمريڪا جي اتر اوڀر  ۽ مڊويسٽ جا حصا پڻ گرمي جي گنبد هيٺ سڙي رهيا آهن، ڪجھ ڏينھن اڳ 86 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي آبادي لاءِ گرمي جو الرٽ جاري ڪيو ويو آھي. گرميءَ جو گنبد تڏهن ٺھندو آهي، جڏهن ھوا جو دٻاءُ وارو نظام گرم هوا کي علائقي جي مٿان ڇڪيندو آهي ۽ ٿڌي هوا کي اندر اچڻ کان روڪيندو آهي. جنھن جي ڪري زمين جو گرمي پد وڌي ويندوآهي. ان جي ڪري ھڪ ايمرجنسي پروگرام ھيٺ نيويارڪ شھر ۾ شھرين لاءِ ھنگامي ڪولنگ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن.

ھن سال هندستان ۾ اليڪشن دوران سوين ماڻھو گرمي جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا.   مودي پنھنجي گهٽ ووٽن جو ذميواري به گرمي تي مڙھي آھي. ھندستان ۾ اونهاري جو عرصو مارچ کان مئي تائين رهي ٿو، جنھن کان پوءِ مان سون سڄي ملڪ ۾ آھستي آھستي شروع ٿئي ٿو ۽ گرمي کي ٽوڙڻ شروع ڪري ٿو. پر ھن سال ھندستان ۽ پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ ۾ مان سون جي شروعات جولائي کان ٿيندي. سائنسدانن اھو به ڄاڻايو آھي ته اڳ ۾ جيئن رات ٿڌي ٿيندي ھئي، اھا ھاڻي ايتري ٿڌي نھ ٿيندي جنھن جي ڪري سمورن ساھھ وارن جو جسم وڌيڪ گرمي جي دٻاءُ ۾ رھندو.

ھن وقت دنيا ۾ گرميءَ جي لهر سبب موت جا صحيح انگ حاصل ڪرڻ جيتوڻيڪ ڏکيا آهن، ڇاڪاڻ ته دنيا جا اڪثر صحت کاتي وارا موت کي گرمي سان منسوب نه ڪندا آهن،بلڪه اهي بيماريون جيڪي گھڻي گرمي پد جي ڪري وڌي وينديون آهن، جهڙوڪ دل جا مسئلا، تيز بخار ۽ الٽيون دست. تنهنجي ڪري ھزارين اڻ ڳڻيل ماڻھو گرمي جي لھر سبب ھر سال مرن ٿا، پر ڳڻپ ۾ ڪونه  ٿا اچن. جيڪڏھن موسمي تبديلين ۾ ٻوڏ، دونھون ۽ گرمي کي گڏي شامل ڪجي ته لکين انسان ھر سال ماحولياتي تبديلين جي ڪري دنيا ۾ موت جو شڪار ٿين ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گرمي جي لهرن ۾ شدت ايندي رهندي جيڪڏهن دنيا تيل ۽ ڪوئلي کي ساڙڻ سان موسمياتي گرمائش جي اضافي کي جاري رکندي. جيڪڏهن دنيا گلوبل وارمنگ جي 2 ڊگري سينٽيگريڊ تائين وڌي ويندي ته گرمي جي لهر 10 سالن ۾ سراسري طور 2.6 ڊگري سينٽيگريڊ وڌيڪ گرم هوندي. جيڪڏهن موجوده صورتحال تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾  گرميءَ جون لهرون وڌيڪ شديد ۽ عام ٿي سگهن ٿيون. موسمي تبديلي جي ماڊل ٺاھي اڳڪٿي ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي گرميءَ جي لهرن جو تعداد ۽ شدت وڌي سگهن ٿا. 2100 تائين، جيڪڏهن گرميءَ جي اخراج کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته عالمي گرميءَ جي سطح ۾ 3-4 ڊگري سينٽيگريڊ اضافو ٿي سگهي ٿو. اهو اضافو نه صرف انساني زندگي ۽ ماحوليات تي به وڏو خطرناڪ اثر ڇڏيندو ۽ ڌرتي رھڻ لائق ڪونه رھندي.

گرين هائوس گيسز جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ اسان کي توانائيءَ جي اھڙن ذريعن کي استعمال ڪرڻو پوندو، جيڪي ماحولياتي تبديلين تي اثر انداز ڪونه ٿا ٿين، جهڙوڪ شمسي ۽ ونڊ انرجي وغيرھ. انسان گڏوگڏ، گاڏين ۽ صنعتن مان نڪرندڙ گرميءَ جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ به سخت پاليسيون جوڙڻيون پونديون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر بنائي ذاتي گاڏين جي استعمال کي گھٽائڻو پوندو. ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻيلن جي واڍي کي روڪڻ ۽ وڌيڪ وڻ پوکڻ سان ماحولياتي تحفظ کي وڌائي سگهجي  ٿو. وڻن جي پوکي سان نه صرف ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، پر اهي هوا کي ٿڌو ڪرڻ ۽ برسات وسائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

عوامي آگاهي موسمي تبديلي جي خطرن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ ۽ انهن کي احتياطي قدم کڻڻ جي تربيت ڏيڻ ضروري آهي. گرميءَ جي لهرن دوران احتياطي تدبيرون جهڙوڪ پاڻيءَ جو صحيح استعمال، گهر اندر رهڻ ۽ جسم کي ٿڌو رکڻ سان انساني زندگي کي بچائي سگهجي ٿو.

عالمي سھڪار:

موسمي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ عالمي تعاون ۽ اتحاد جي ضرورت آهي. عالمي سطح تي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل پاليسيون ۽ منصوبا جوڙڻ گهرجن، موجوده گرميءَ جي لهرن جو مسئلو انساني زندگي، صحت ۽ ماحوليات لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن اسان فوري طور تي قدم نه کنيا ته مستقبل ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. تنهن ڪري، اسانکي پنهنجي ذميواري سمجهندي، موسمي تبديلي کي روڪڻ ۽ گرين هائوس گيسز جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. صرف ائين ئي اسان پنهنجي ڌرتيءَ کي محفوظ ۽ مستقبل کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.

جيتوڻيڪ اھا اسانجي خواھش آھي پر حقيقت ۾ ھن وقت يورپي يونين جي اليڪشنن ۾ ساڄي ڌر وارا ڪاميابيون پيا حاصل ڪن، جنھن جي ايجنڊا ۾ گلوبل وارمنگ ۽ ماحولياتي تبديليون اھميت نٿيون رکن. ھن وقت به فرانس ۽ برطانيا روس يوڪرين جنگ سبب پنھنجي بند ٿيل ڪوئلي جي کاڻين کي کولي ٻيھر ڪوئلي کي ٻارڻ طور استعمال پيا ڪن. آمريڪا جي اليڪشن ۾ جيڪڏھن ٽرمپ ڪامياب ٿئي ٿو ته ھو آمريڪا جي ڪوئلي جي توانائي کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ چاھي ٿو. دنيا جو ماحولياتي مستقبل سخت خطري ھيٺ آھي.