گلاب لغاري(ن پ ا) گلاب لغاري ۾ عيد الاضحيٰ تي ملاکڙو ڪرايو ويو، پھلوان راجا پھنور ۽ نويد بلوچ ميدان ماري ورتو. ملھه ايسوسيئيشن جي جي محبوب سريوال جي نگراني ھيٺ ملاکڙو ٿيو. پهلوان غلام حسين سريوال، نويد بلوچ، سومار ٿيٻو، اخلاق سريوال، راجا پھنور، عاشق کوسو، حسين لغاري، بوسڪي پنجابي، زوھيب جمالي، علي حسن ٿيٻو ۽ ٻين زور آزمايو. نويد بلوچ، اخلاق سريوال ۽ بوسڪي پنجابي کي ملھون دسي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته راجا پنھور حريف پھلوانن عاشق کوسو ۽ زوھيب جمالي کي مات ڏني، زوھيب جمالي غش ٿي ويو.