گفتگو – گفتگو … سنڌ اسيمبلي آدمشماري بابت ٺهراءُ پاس ڇو نٿي ڪري؟

0
191
گفتگو - گفتگو ... سنڌ اسيمبلي آدمشماري بابت ٺهراءُ پاس ڇو نٿي ڪري؟

 تازو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آئي) جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٿيل ستين آدمشماري جي انگن اکرن کي قبول ڪيو ويو آهي. اصولي طور تي سي سي آئي جو اجلاس هر ٽئين مهيني ٿيڻو آهي، پر گذريل ڏيڍ سال کان پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي  ڊي ايم) جي گڏيل حڪومت ۾ ميان شهباز شريف وزير اعظم بڻيو آهي ته ان عرصي ۾ ڪو به سي سي آئي جو اجلاس نه ٿيو. آئين ۽ قانون جي جيڪا پاسداري هر دور جا اسان جا حڪمران ڪن ٿا، ان کان سڄو جهان چڱي طرح واقف آهي.

                 شماريات کاتي طرفان ملڪ جي ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ، 14 لک، 99 هزار، 4 سئو، 31 ظاهر ڪئي وئي آهي. سنڌ صوبي جي آبادي 5 ڪروڙ، 56 لک، 96 هزار، هڪ سئو 47. پنجاب صوبي جي آبادي 12 ڪروڙ، 76 لک، 88 هزار، 9 سئو 22. بلوچستان صوبي جي آبادي هڪ ڪروڙ، 48 لک، 94 هزار، 4 سئو ٻه. ڪي پي ڪي صوبي جي 4 ڪروڙ، 85 لک، 6 هزار 97، ملڪ جي گادي جي هنڌ اسلام آباد جي آبادي 23 لک، 63 هزار، 8 سئو 63 ظاهر ڪئي وئي آهي. آدمشماري ۾ آبادي ۾ واڌ اڪثر شهرن ۾ ڏيکاري ويئي آهي، جڏهن ته آبادي جو انگ ٻهراڙين ۾ وڌندو آهي، پر هتي قصو ئي ابتو آهي. آدمشماري ۾ ڪمال هيرا ڦيري ڪرڻ جي باوجود به ڪجهه اهڙا ضلعا ڄاڻايا ويا آهن، جن ۾ آبادي جي واڌ جي شرح شهرن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. مثال طور خيبر پختونخوا جي ضلعي لوئر ڪوهستان جي آبادي جي شرح ۾ واڌ 9.01 آهي. ڪوهاٽ ڊويزن جي ضلعي اورڪزئي جي شرح 7.30، بلوچستان صوبي جي ضلعي آواران ۾ آبادي جي واڌ جي شرح 6.64، خاران ضلعي جي آبادي جي شرح ۾ واڌ 8.17، واشڪ ضلعي جي 9.51، پنجگور ضلعي جي 8.36 شرح آهي. هي اهي ضلعا آهن، جن جي اڪثر آبادي ٻهراڙين جي آهي ته پوءِ سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ٿوري گهڻي فرق سان ملڪ جي ٻين ٻهراڙي وارن ضلعن جي آبادي ڇو نه وڌي، آخر سبب ڪهڙا آهن؟

گهوٽڪي ضلعي جي آبادي جي واڌ جي شرح 1.22، بدين ضلعي جي واڌ 1.27، خيرپور ضلعي ۾ واڌ 1.29 ۽ ائين دادو، ڄامشورو، مٽياري، سجاول، ٽنڊو الهيار، ٺٽو ۽ ٻيا ضلعا شامل آهن. فقط خيرپور ضلعي تي غور ويچار ڪجي ته ان جي ٻهراڙي تمام وڏي آهي، پوءِ ڪهڙو سبب آهي ته ان ۾ آبادي جي واڌ جي شرح تمام گهٽ ڏيکاري ويئي آهي. اهو جادو فقط پنهنجي پياري ملڪ جا آئيني ۽ قانوني ادارا ڪري سگهن ٿا، هو جي رات کي ڏينھن چون ۽ ڏينهن کي رات ڪري پيش ڪن، تڏهن به مرضي وارا آهن.

جڏهن کان هن ڊجيٽيل آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي، ادبي ڌرين ۽ ساڃاهه وندن سخت اعتراض ڪيا. سنڌ جو موقف هو ته پهرين ته آدمشماري وقت کان اڳ ڪرائي پيئي وڃي، اصولي طور تي ملڪ ۾ هر ڏهن سالن کان پوءِ آدمشماري ٿيندي آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي. ٻيو ته وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ ايم ڪيو ايم جو مطالبو آهي. سنڌ جو وڏو وزير ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ تي آدمشماري ڪرائڻ لاءِ سي سي آئي مان فيصلو وٺي آيو ۽ آدمشماري جو عمل ان وقت شروع ڪيو ويو، جڏهن اڌ سنڌ ٻڏل هئي، لڳ ڀڳ سنڌ جا ٻه ڪروڙ ماڻهو دربدر هئا، هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي چڪا هئا. اهڙي صورتحال ۾ آدم ڳڻپ ۽ گهر شماري ممڪن نه هو. ڪراچي ۾ 40 لک کان به وڌيڪ غير ملڪي غير قانوني رهن ٿا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب سمورن غير ملڪين کي ملڪ بدر ڪيو وڃي، انهن کي آدم ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو وڃي، انهن کي آدم ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ هوندو. اهي ڏينهن ڪڻڪ جي لاباري جا هئا، مٺي ۽ عمر ڪوٽ ضلعن جا ڪيترائي پورهيت ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ موجود نه هئا. انهن جي ڳڻپ به نه ٿي سگهي. ان کان سواءِ ڊجيٽل ڊوائيسز جو مسئلو الڳ سان هو.

ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين ۽ ساڃاهه وندن پريس ڪانفرنسون، سيمينار، احتجاجي مظاهرا ڪيا، ريليون ڪڍيون ۽ ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ عوامي تحريڪ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوشهرو فيروز، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ سيمينار ڪيا، سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گڏ ڪيو، ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن جو انگ شامل هو. سنڌ جي ماڻهن وفاقي سرڪار کان آدمشماري کي ملتوي ڪرائڻ جا مطالبا ڪيا، پر وفاقي سرڪار سنڌ جي ماڻهن جي دانهن ۽ ڪوڪن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو.

سنڌي ماڻهن جي سخت احتجاج کان پوءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت آدمشماري جي حوالي سان بيان ڏيڻ شروع ڪيا. وڏي وزير وفاق کي لکيو ته اسان کي انگ اکر نٿا ڏنا وڃن. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ طرفان هڪ اي پي سي به گهرائي ويئي. 6 مارچ 2023ع تي سنڌ اسيمبلي ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان ٺهراءِ پاس ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي اوندهه ۾ رکيو ويو آهي ۽ سنڌ کي ڊيٽا تائين رسائي نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب شڪ شبها پيدا ٿي رهيا آهن. جيڪي گهر ٻوڏ دوران ڊهي پيا، انهن کي گهر شماري ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪو مڪينزم ناهي ٺاهيو ويو، ضلعي انتظاميا پڻ فراهم ڪيل نقشن ۾ خرابين جي نشاندهي ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري به خدشا ڏيکاريا، ظاهر اهو پئي ڪيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري جي مسئلي تي پ پ، پي ڊي ايم حڪومت کان الڳ ٿي ويندي ۽ پوءِ پاڻ سڀني ڏٺو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سي سي آئي جي اجلاس ۾ سمورين ڳالهين تان هٿ کڻي آيو. سيد مراد علي شاهه جنهن کي 16 مئي وارن انگن اکرن تي اعتراض هئا، انهن اگن اکرن کان به گهٽ سنڌ جي آبادي تي راضي ٿي ويو.

پيپلز پارٽي حڪومت هميشه کان وٺي سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن. اهو پاڻي جو مسئلو هجي يا سنڌ جي بلدياتي نظام جو. سامونڊي ٻيٽ، زمينن جي نيلامي، ڪارونجهر جي ڪٽائي، ڊوميسائل جي حوالي سان قانونسازي، ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جا اعلان، شهرن، روزگار ۽ وسيلن تي ڌارين کي قابض توڙي هاڻوڪي سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري آدمشماري جي اهم معاملي تي پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري لالچ ۾ سنڌ کي سخت نقصان پهچايو آهي. پيپلز پارٽي آدمشماري تي فقط ان ڪري ٿي ڳالهايو ته جيئن وفاق ۾ وڌ کان وڌ فائدا وٺجن ۽ سنڌ حڪومت خلاف وفاق ڪو قدم نه کڻي سگهي. سنڌ اسيمبلي هاڻي آدمشماري جي حوالي سان ٺهراءُ پاس ڇو نٿي ڪري؟ جڏهن ته بلوچستان جو وڏو وزير سي سي آئي مان آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري آيو، پر ان جي باوجود ڪالهه بلوچستان اسيمبلي هن فراڊي ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٺهراءُ پاس ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي آبادي گهٽ ڳڻي ويئي آهي، ان سان اين ايف سي ايوارڊ، وفاق ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ نقصان ٿيندو. صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون سيٽون به نه وڌندون. بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن احتجاج ڪيو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي جا اهي ميمبر به خاموش آهن، جيڪي سنڌ وطن جون شاعريون پڙهندا آهن.

ڊجيٽل آدمشماري ۾ مڪمل طور تي ايم ڪيو ايم کي فائدو ڏنو ويو آهي. سنڌ جي باقي ضلعن جي آباد گهٽائي، ضلعي سينٽرل ۽ اوڀر جي آبادي وڌائي ويئي آهي. ايم ڪيو ايم کي اهو هٿ وٺي جواز فراهم ڪيو ويو آهي ته هو آبادي جي بنياد تي صوبي جي گهر ڪري، جيڪا گهر هنن جي پراڻي آهي، اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور تي ايم ڪيو ايم جي ساٿاري بڻيل آهي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر ايم ڪيو ايم جي سهولتڪاري ڪري ٿي. ان صورتحال ۾ وري به سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين، صحافين، اديبن، شاعرن، قلمڪارن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن کي جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو. ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ هڪ نئين رياست قائم ڪرڻ جي سازش آهي، ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر هڪ فرد کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

[email protected]