گفتگو- گفتگو … سردارن، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ

0
293
گفتگو- گفتگو ... سردارن، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ

 سنڌ ۾ وڏي عرصي کان وٺي خاص ڪري اتر سنڌ جي ضلعن گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهداد ڪوٽ، خيرپور ويندي دادو ۽ نوشهرو فيروز ۾ ڌاڙيلن کي هڪ رٿابندي تحت مضبوط ڪيو ويو آهي. جنرل ضياءَ جي مارشل لا وارو سڄو دور ڌاڙيلن کي پاليو ۽ تاتيو ويو. اهو سلسلو جاري رکيو ويو، ڌاڙيلن وٽ جديد اينٽي ايئر ڪرافٽ جهڙا هٿيار پهچايا وڃن ٿا، سوال آهي ته اهي جديد هٿيار ڪير ۽ ڪئين پهچائي ٿو؟ ڌاڙيلن جو سهولتڪار ڪير آهي؟ هن وقت مجموعي طرح سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڪاس آهي. اهو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن قتل، اغوا، ڦرون، ڌاڙا، چوريون نه ٿينديون هجن. ڪنهن نه ڪنهن نياڻي ۽ معصوم ٻار کي جنسي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري سندس لاش اڇلائي ڇڏڻ، ڪارو ڪاري جي اڏي تي بي گناهه عورتن جو ڪُسجڻ روز جو معمول بڻيل آهي. اها درد ڪٿا ته اڃا الڳ سان آهي. پاڻ ڌاڙيل اسٽيٽ جي ڳالهه ڪريون ته درياهه جي ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن کي نجي ڪيٽيون ٺاهي ڏنيون ويون آهن، جتي مڪمل طور تي ڌاڙيل راڄ قائم ٿيل آهي. ڪيترائي معصوم ماڻهو سالن کان وٺي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن. ڌاڙيل اغوا ڪيل ماڻهن مٿان تشدد ڪري انهن جون ويڊيوز رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکن ٿا. ويڊيوز ۾ يرغمال بڻايل مغوي روئندي، دانهون ڪندي پنهنجن مائٽن کي چون ٿا ته ڪيئن به ڪري پئسا هٿ ڪري ڌاڙيلن کي ڏيئي اسان کي آزاد ڪرايو. ڌاڙيلن جي سفاڪي جي ڪا حد ناهي. يرغمال ڪيل معصوم ماڻهن سان ريپ ڪري انهن جون ويڊيوز وائرل ڪن ٿا. مغوين جا مائٽ مجبور ٿي پنهنجو الهه تلهه کپائي، قرض کڻي لکين رپيا ڌاڙيلن کي ڀُنگ ڏيئي اغوا ڪيل پنهنجن پيارن کي آزاد ڪرائين ٿا. ڪجهه ڪيسن ۾ ائين به ٿيندو آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي جيڪو ڌاڙيلن جو ٽولو اغوا ڪندو آهي، اهو ٽولو وري ان اغوا ڪيل کي ڌاڙيلن جي ٻئي ٽولي کي وڪرو ڪري ڏيندو آهي. ائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايل مغوي جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن پاران طلب ڪيل ڀُنگ جي رقم مغوي جي وارثن کي ٻيڻي ڀرڻي پوندي آهي.

ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايل ڪجهه ماڻهن کي سالن جا سال گذري ويا آهن، خبر ناهي ته اهي ڪهڙن حال ۾ آهن. زنده به آهن يا نه! ٺل جي فضيلا سرڪي کي لڳ ڀڳ 17 سال گذري چڪا آهن. ننڍڙي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي ٻن سالن کان وڌيڪ وقت ٿيو آهي. ائين ڌاڙيلن وٽ ساگر ڪمار، نازيا کوسو، معصوم ڪوثر کوسو، دودو سومرو، طارق ڀٽو، ظهير خالدي ۽ ٻيا ڪيترائي معصوم ماڻهو يرغمال آهن. فضيلا سرڪي جي آزادي لاءِ سندس امڙ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. پريا ڪماري ۽ ساگر ڪمار جون مائرون پنهنجن ٻچن لاءِ بي حال آهن. ڌاڙيلن خلاف سنڌ جون سياسي، سماجي ڌريون مسلسل احتجاج ڪنديون رهيون آهن، تازو احتجاج ۾ ان وقت شدت آئي، جڏهن پٺاڻ ۽ مري قبيلي جا ماڻهو روڊ بند ڪري پوليس انتظاميا تي دٻاءُ وجهي پنهنجا ماڻهو ڌاڙيلن کان آزاد ڪرائي ويا. تيغو خان تيغاڻي مري قبيلي جي ماڻهن وٽ وڃي معافي ورتي. مکي جڳديش، جئديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ پهرين سيپٽمبر کان جدوجهد کي تيز ڪيو ويو. 2 سيپٽمبر تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ ڊيرا موڙ وٽ مين روڊ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري هندو پنچائت ڌرڻو هنيو، ٻين سياسي ۽ سماجي ڌرين ۽ مقامي ماڻهن سندن ڀرپور ساٿ ڏنو. ڪشمور، ڪرمپور، ڪنڌڪوٽ، غوثپور، بخشاپور، بڊاڻي ۾ هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو. احتجاج ڪندڙ هندو برادري جي ماڻهن چيو ته اسان کان 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو پيو وڃي. هندو برادري جي ماڻهن کي اغوا ڪري پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. 3 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڊيرا موڙ تي ڌرڻو هڻي ويٺلن سان اڳوڻو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري ۽ پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر دوست محمد مزاري ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهتا، پر اهي ناڪام ٿي ويون. ڪراچي جي تين تلوار چوڪ تي ناليواري آرٽسٽ شيما ڪرماني جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، نيٺ گھرو کاتي جو نگران وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وھاب ۽ اڳوڻو صوبائي وزير شبير بجاراڻي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پھتا. جتي گھرو وزير احتجاج ڪندڙن کي مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائي. هن سڄي معاملي ۾ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، گهوٽڪي جي چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو ڪردار نه رڳو افسوس جوڳو رهيو، پر مشڪوڪ پڻ رهيو. شبير بجاراڻي صاحب ته موجوده نگران حڪومت جو حصو ئي ناهي، پر هو ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهين لاءِ حڪومتي نمائندو ٿي پهتو. اهڙي صورتحال ۾ عوامي نمائندن کي گهرجي ها ته هو برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز جا نمائندا ٿيڻ بدران عوام سان گڏ هجڻ جو ثبوت ڏين ها. چونڊيل نمائندن مان ڪو هڪ به نمائندو ڊيرا موڙ وٽ لڳل ڌرڻي ۾ يڪجهتي طور تي نه پهتو. ان عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته چونڊيل نمائندن کي عوام ۽ پنهنجن ووٽرن جي پرواهه ڪرڻ بدران برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز جي پرواهه وڌيڪ آهي يا هو ڌاڙيلن سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪرڻ نٿا چاهين.

سڄي سنڌ ۾ مسلسل زوردار احتجاجن جي نتيجي ۾ چوٿين ڏينهن مکي جڳديش، جئديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي جي پوليس ڊرامائي انداز سان ڌاڙيلن کان ڇڏايو، پوليس جي ان عمل تي ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا. نه ڪو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، نه ڪو ڌاڙيل مئو، نه ڪو ڌاڙيل گرفتار ٿيو ته پوءِ ايس ايس پي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جناب امجد شيخ صاحب عوام کي جواب ڏي ته کيس مغوي ڪنهن جي معرفت مليا آهن؟ ڪهڙا ڌاڙيل ۽ انهن جا سرپرست هن اغوا انڊسٽري ۾ ملوث آهن؟ انهن خلاف ڪيس داخل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ڏوهارين تي ايس ايس پي امجد شيخ صاحب ڪک ڇو پيو رکي؟ انهن کي لڪائي ڇو ٿو؟ پوليس قانون جي ماتحت آهي يا ڌاڙيلن ۽ انهن جي سرپرستن جي؟ اهڙن ۽ لاڳايپل اهڙن ٻين سوالن جا جواب آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ سنڌ جي عوام کي ڏين. چونڊيل حڪمران ۽ پوليس عملدار اهو به ٻڌائين ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ هر سال ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، پوءِ به ڌاڙيلن جو خاتمو ڇو نٿو ٿئي؟

جهڙي طرح ايس ايس پي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ مغوين کي آزاد ڪرايو آهي، ان عمل ثابت ڪيو آهي ته اغوا انڊسٽري ۾ سردارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڌاڙيلن سان گڏ پوليس برابر جي شريڪ آهي. جڏهن عوام زوردار احتجاج ڪري ٿو، ماڻهو هڙتالون ڪري شهر ۽ روڊ بند ڪن ٿا ته پوءِ دٻاءَ ۾ اچي مغوين کي ڇڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ هن ظلم، بربريت ۽ لاقانونيت تي اسان جون اعلىٰ عدالتون خاموش آهن. آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ کي عدالت جي ڪٽهري ۾ بيهاري پڇاڻو ڪجي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون، پر بدقسمتي سان اسان سنڌي ماڻهن لاءِ قانون الڳ آهي ۽ ملڪ جي اشرافيا لاءِ قانون الڳ آهي. جيڪڏهن عمران خان کي ٿوري به تڪليف ٿي ٿئي ته اعلى عدالت ان جو نوٽيس وٺي ٿي، کيس عدالتي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط جج صاحبان چون ٿا ته، “گڊ ٽو سي يو” ۽ اسان جا درجنين ماڻهو، معصوم ٻار، نياڻيون، عورتون، مرد ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيا وڃن ٿا، کنڀي لاپتا ڪيا وڃن ٿا، پر انصاف جي ڪن تي جُونءِ به نٿي سُري.

اسان جون سياسي، سماجي ڌريون، وڪيل، صحافي، هاري، آبادگار، استاد پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته مٿن پوليس تشدد ڪري، روڊن تي گهلي، مٿا ڦاڙي رتو رت ڪري سندن آواز کي دٻايو وڃي ٿو. ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي آزادي لاءِ سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيل عبدالغني بجاراڻي احتجاج جاري رکيو ته ان احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ پوليس جي پاليل سول ڪپڙن ۾ ڏوهارين خنجرن سان ڪئمپ ۾ ويٺل پُرامن ڪارڪنن مٿان حملو ڪيو، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوليس جو اهڙو عمل انتهائي شرمناڪ آهي. پوليس، سردارن ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ آهي، هڪڙي مافيا وانگر اغوا انڊسٽري کي هلايو پيو وڃي. مغوين کان ورتل ڀُنگ جي رقم مان حصا پتيون ڪيون وڃن ٿيون. هن مافيا جي خاتمي لاءِ سگهاري عوامي جدوجهد جي ضرورت آهي. اها سٺي ڳالهه ٿي آهي ته ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي هندو پئنچائت ٿوري وقت لاءِ به، پر شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، سڄي سنڌ کي جاڳايو آهي، ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي. اتساهه، گڏيل ٻڌي ۽ سگهاري عوامي جدوجهد ئي هن مافيا جو موت آهي.

[email protected]