گريٽر اقبال پارڪ واقعو: گرفتار ماڻهن جو انگ 132 ٿي ويو

0
279
گريٽر اقبال پارڪ ٽڪ

ڪراچي(م ڊ) لاهور ۾ يوم آزادي واري ڏهاڙي تي گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ماڻهن جو تعداد 132 ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار ڪيلن ۾ 92 ماڻهن کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل موڪليو ويو آهي، جڏهن ته 14 ڄڻن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ لاءِ 28 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کي جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ لاءِ انتظام مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جتي متاثر عورت ڪيمپ جيل ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪندي.ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب انعام غني لاهور پوليس کي باقي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته جشن آزادي ڏهاڙي تي گريٽر اقبال پارڪ (مينار پاڪستان) ۾ ٽڪ ٽاڪر عورت عائشه کي 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهن حراسان ڪري کيس تذليل جو نشانو بڻايو هو..