گرينڊ ڊائلاگ ۽ گرينڊ مهانگائي

0
195
گرينڊ ڊائلاگ ۽ گرينڊ مهانگائي

عنوان جي پهرين حصي جو تعلق هڪ اهڙي خواب سان آهي جيڪو ڪڏهن به پورو ناهي ٿيڻو جڏهن ته ٻئي جو واسطو زهريلي حقيقت سان آهي جيڪا حڪومت پاران دل تي پٿر رکي ٿيندڙ فيصلي هيٺ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ زهريلي ٿيندي پئي وڃي. گرينڊ ڊائلاگ جو راڳ به هن ملڪ ۾ ايترو ئي پراڻو آهي جيترو هن ملڪ جو وجود سو انهيءَ تي پوءِ ٿا اچئون پهريان اچو ته توهان کي هڪ عام انسان جي زندگي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايون جيڪا ڪلهه به مهانگائي سبب پِيسجي رهي هئي ۽ اڄ به ساڳيو حال آهي.

   هڪ ڏينهن مون هڪ مزدور کان پڇا ڪئي ته، “ڇا توهان جو ڏهاڙي تي گذران ٿي وڃي ٿو؟” هن جواب به روايتي ڏنو. چيائين، “سائين شڪر آهي مڙئي پيو گاڏو ڌڪجي.” چيومانس، “شڪر به ڪرين ٿو ۽ وري مٿان هي به چئين ٿو ته مڙئي پيو گاڏو ڌڪجي. تنهنجي پوئين ڳالهه ۾ ته ناشڪري آهي.” ته ٿڌو ساهه ڀري ساري حقيقت بيان ڪرڻ ويهي رهيو. “پنج ٻار ۽ ٻه اسان زال مڙس. ست سئو ڏهاڙي. ڪڏهن روزي ملي ته ڪڏهن نه ملي. وري جيڪڏهن ڪنهن ٺيڪدار سان ڪم ٿا ڪيون ته اهو 100 روپيا گهٽ ٿو ڏئي. اسان به انهيءَ آسري ته خير آهي جيڪڏهن سئو روپيا گهٽ ٿا ملن، گهٽ ۾ گهٽ بيروزگار ته ڪونه ٿا ٿيون.” مون هن کي چيو، “تنهنجي 30 ڏينهن جي ڪمائي 18000 روپيا ٿئي ٿي. ڏي خبر مهيني ۾ گوشت گهڻا دفعا کائيندا آهيو؟” چيائين، “سائين عيدن تي سوبه وڏي مشڪل سان. ڏسو نٿا ته مهانگائي ڪيڏي ٿي وئي آهي. گيهه، مرغي، داليون، سڀ ته چوٽ چڙهي ويا آهن.گيهه ۽ مرغي جا اگهه ته اسان جي ڏهاڙي جي برابر ٿي ويا آهن.” ڀلا ٻار اسڪول ويندا آهن؟“ها، پهرين نياڻي ٻئي درجي ۾ پڙهندي آهي جنهن جي فيس اسان جو هڪ ڊاڪٽر مائٽ ڀريندو آهي ۽ باقي ٻار ڪونه ويندا آهن ۽ عمر ۾ به ننڍا آهن.” مون هن کان پڇا ڪئي ته، “هي جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام يا احساس پروگرام جا پيسا اچن پيا ڇا هنن ۾ توهان جو نالو ناهي ڇا؟” چيائين، “سائين آهي پر اهي به ڪڏهن ٿا مقرر اچن! ڪڏهن ڇهن مهينن بعد ته ڪڏهن ملن ئي ڪونه.

ملن ته ڏيڻ وارا هزار پنج سئو ڪٽي پوءِ ٿا اسان کي باقي رقم ڏين. مون انهيءَ ڪري چيو هو ته مڙئي پيو گاڏو ڌڪجي سائين.“پاڪستان ۾، هڪ به اهڙي حڪومت ناهي آئي جنهن وٽ اختيار هجي. هنن کي صرف اقتدار حوالي ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏ هڪ ورڪ پلان.سياسي پارٽيون جيڪي پنهنجي نيت ۽ عمل ۾ عوامي ته آهن ئي ڪونه سو هنن مان هي توقع ڪرڻ ته اهي عوام جي لاءِ ڪجهه ڪنديون ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي مثل آهي. اسان جي ملڪ جو سياسي، سماجي ۽ معاشي تاڃي پيٽو هاڻي صرف ٻن طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪڙو اهو طبقو آهي جيڪو ٻٽي مزي ۾ آهي ۽ هڪڙو اهو طبقو آهي جيڪو ٻٽي عذاب ۾ آهي. پهرين طبقي تي مهانگائي ته ڇا ان جو قدرتي آفتون به ڪجهه بگاڙي ناهن سگهنديون. اسان ڪڏهن به هي خبر ناهي ٻڌي ته ڪنهن سياستدان، ڪنهن آفيسر يا جج ۽ جرنيل مهانگائي مان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي يا ٻوڏ جي سبب فلاڻي يا فلاڻي سياستدان جو الهه تلهه لڙهي ويو ۽ هن آمريڪا بهادر کي گذارش ڪئي آهي ته سندس نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ويل ۾ آهي ته پويون طبقو. جنهن جي سورن ۽ تڪليفن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪبي ته هي صفحا معمولي محسوس ٿيندا.

ملڪ جو وزيرِاعظم جيڪڏهن هي ڳالهه ڪري ته ملڪ کي مشڪل مان ڪڍڻ جي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائلاگ ڪرڻ وقت جي اشد ضرورت آهي ته ان جي بي وسي جو اندازو لڳائڻ ڪو ايڏو وڏو مشڪل ڪم ناهي. ملڪ جي حڪومتي تاريخ کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به سياسي پارٽي کي ڄاڻي واڻي چٽي گهڻائي سان ناهي کٽرايو ويو. هر ويلي چون چون جو مربو تيار ڪري حڪومت جا هٿ پير ٻڌي مخالفن خلاف زبان هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. پندرنهن مهينن لاءِ ايندڙ حڪومت به اهوئي ڪجهه ته ڪري رهي آهي. شهباز شريف گرينڊ ڊائلاگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جڏهن هي لفظ اچاري ٿو ته، “اسان بنگالين کي پاڻ تي بار سمجهي هنن کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو. اڄ بنگلاديش جي برآمد 40 ارب ڊالر ساليانو ۽ اسان جي 27 ارب ڊالر ساليانو آهي.” وزيرِاعظم جڏهن ٻن ملڪن جي ڀيٽ ڪندي 40 ۽ 27 ارب ڊالرن جي ڳالهه ڪري ٿو ته هتي هن کي پنهنجي بي وسي ۽ بنگلاديش جي حڪومتن جي خودمختياري ضرور ياد آئي هوندي اهوئي سبب آهي جو هو گرينڊ ڊائلاگ جي ڳالهه ڪري وري ان تان ڦِري ٻئي ڏينهن تي پنهنجي گرينڊ ڊائلاگ کي “ميثاقِ معيشت” تائين محدود ڪري ڇڏيو.

يعني هاڻي جيڪڏهن ڪو گرينڊ ڊائلاگ ٿيو ته صرف ميثاقِ معيشت تي ٿيندو.شهباز شريف جتي گرينڊ ڊائلاگ جي ڳالهه ڪئي هئي ته اتي هن هي به چيو پئي ته ملڪ جي اشرافيا کي به ملڪي مسئلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پوندو. هي جملو وزيرِ اعظم جي خواهش آهي يا پاليسي يا ڪا شڪايت. جيڪڏهن هي صرف خواهش آهي ته سندس هي ڳالهه عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن پاليسي آهي ته ڇا هي پاليسي اتحادي حڪومت جي آهي يا صرف ن ليگ جي. پر جي شڪايت آهي ته اها سڪي جو صرف هڪڙو پاسو آهي سڪي جو ٻيو پاسو آهي “اسان جا هٿ ٻڌل آهن.” اسان جون سڀئي حڪومتون يا ته ڏنڊي جي زور تي هلنديون آيون آهن يا نظريه ضرورت جي آڙ وٺي ملڪ کي مذهبي انتها پرستي طرف کڻي وينديون آهن يا وري نيوٽرل کان آشيرواد وٺي “ڪڀي هان ڪڀي نان” واري سلسلي جي ڪڙي ۾ پوئبيون ۽ نپوڙبيون رهنديون آهن ۽ ان جو سبب اسان جي سياسي پارٽين جا پنهنجا پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد آهن. ڪاش جيڪڏهن اهي ايئن نه ڪن ۽ عوام جي زندگين ۾ سهولتون آڻڻ ۽ ملڪ کي حقيقي معنى ۾ هڪ فلاحي ۽ جهموري رياست بڻائڻ واري پنهنجي اصولي موقف تي مضبوطي سان بيهي رهن ته مجال آهي جو ڪا ملڪي يا عالمي طاقت هنن کي ايئن بليڪ ميل ڪري. شروع شروع ۾ پاڪستان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي لاءِ هڪ مثال هو ۽ اهي پاڪستان کان ئي پنهنجي ملڪن جي لاءِ پنج سالن جا منصوبا کڻي اڄ اتي بيٺا آهن جو دنيا ۾ انهن جو نالو آهي. جهڙوڪ چين، ڏکڻ ڪوريا يا دبئي وغيرهه. پر هي سڀ ستر کان اڳ جون ڳالهيون آهن.

ستر بعد ملڪ جي حالتون اسان سڀني جي سامهون آهن. جيتوڻيڪ مجموعي طور تي اسان جون حڪومتون جهڙيون ڪلهه هيون اهڙيون اڄ آهن پر جهڙي طرح اڄ هرهنڌ اقربا پروري، رشوت ۽ ادارن جون من مانيون آهن گهٽ ۾ ستر کان اڳ ۾ ايئن ڪونه هو. اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي هن ملڪ جون حالتون عام عوام هجي يا حڪومت ٻنهي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي چڪيون آهن. ٻيو ملڪ جي اشرفيا جنهن لاءِ حالتون بريون هجن يا سريليون؛ نه هن جي صحت تي ڪو برو اثر پوندو نه انهن حالتن جي هن کي ڪا پرواهه آهي. اشرافيا پنهنجي ايندڙ وقت کي اهڙو ته محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جو حڪومت ڪنهن جي به هجي هن جي اشاري کان سواءِ چري نٿي سگهي تڏهن ته شهباز شريف چئي رهيو آهي ته ملڪ جي بگڙيل يا بگڙجندڙ صورتحال جي ذميداري حڪومتن سان گڏ اشرافيا تي به عائد ٿئي ٿي. اڄ جهڙي طرح هو پريشان نظر اچي ٿو ۽ گرينڊ ڊائلاگ جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو لڳي ڪونه ٿو ته هن کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل ٿيندي.

هڪ ته سندس گرينڊ ڊائلاگ هاڻي ميثاقِ معيشت جو روپ ڌاري چڪو آهي ٻيو ڪوئي هن کي ايئن به چئي سگهي ٿو ته توهان صرف بجٽ کي پاس ڪرايو گرينڊ ڊائلاگ اسان پاڻ ئي ڪرائينداسين. ملڪ مهانگائي جي ور چڙهي چڪو آهي ۽ مهانگائي عوام کي بند گهٽين ڏانهن گهليندي پئي وڃي. مٿي بيان ٿيندڙ ڪهاڻي صرف هڪ مزدور جي نه پر اهڙا ڪروڙين مزدور آهن هن ملڪ ۾ جيڪي زندگي جِيِ نه، پر گذاري رهيا آهن. ستم ظريفي هي آهي ته عوام ئي واحد اها جنس آهي جيڪو حڪومتي پاليسين، ان جي بلن، قانونن ۽ ادارن جي عتاب جو شڪار ٿئي ٿي باقي ته ست ئي خير لڳا پيا آهن. امر باالمعروف جو پنهنجي تقريرن ۽ فلم مالڪ جي قسم نامي کي پنهنجي جلسن ۾ بار بار دهرائيندڙ پي ٽي آئي جي قيادت جا به هاڻي اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن. جهڙوڪ ملڪ رياض جا 40 ارب روپيا جن برطانيا جي حڪومت هڪ ڪرمينل پروسيجر جي نتيجي ۾ پاڪستاني رياست جي ملڪيت ڄاڻائي جڏهن واپس ڪيا ته پاڪستاني رياست وري ساڳيا ڏوڪڙ ملڪ رياض کي واپس ڪري ڇڏيا. اندازو لڳايو ته ملڪ رياض جا هٿ ڪيترا نه ڊگها ۽ حڪومتون ڪيتريون نه ڪمزور آهن. سو اتي گرينڊ ڊائلاگ ڪرڻ هڪ خواب گرينڊ مهانگائي هڪ حقيقت لڳي ٿي.