گرينڊ ڊائلاگ جي ڪهڙي ايجنڊا هجڻ گھرجي؟

0
158
هڪ-مدبر-جو-وڇوڙو

اڄڪلھه پيارو پاڪستان پنهنجي بقا جي جنگ وڙھي رهيو آھي پاڪستان متعلق مون گهڻا سال اڳ  لارينس زائرنگ جو مشھور ڪتاب Enigma of political development يعني “سياسي ترقي جون حيران ڪندڙ رمزون،” پڙھيو هو. ان ڪتاب ۾ شامل ڪافي ڳالهيون ھن ڪالم لکڻ وقت ذھن تي تري آيون آھن. جڏهن حضرت قائداعظم پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي ملڪ جي آزادي کي هڪ “انوکي طوفاني انقلاب” سان تشبيھه ڏني هئي تڏهن اهڙي انوکي طوفاني انقلاب کي برپا ڪرڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ لاءِ مذھب کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو هو. آزادي کان پوءِ جناح پاڪستان کي قومي رياست طور هلائڻ جي ابتدا ڪئي هئي جتي مذھب کي رياست کان الڳ رکڻو هو پر هن وقت صورتحال اها آھي ته ملڪ جو هڪ اڳوڻو وزير اعظم امرباالمعروف جي بهاني جهاد جو اعلان ڪري چڪو آھي. برصغير جي لبرل مسلمان جيترو مذھب جو استحصال ڪيو آھي ايترو شايد ئي ڪنهن مولوي ڪيو هجي. حسين احمد مدني ۽ مولانا آزاد جي مقابلي ۾  آل انڊيا مسلم ليگ جي سرڪرده ميمبرن سياست ۾ مذھب کي وڌيڪ اسعمال ڪيو، وڏا رنگ ۽ ڍنگ استعمال ڪيا جن تي دنيا اڄ به حيرت ۾ آھي.

درحقيقت برصغير جو ورهاڱو نه اقتصادي مسئلو هو ۽ نه مذھبي، پر مڪمل طور عالمي ۽ اندروني سياسي ڇڪتاڻ جو نتيجو هو.  ملڪ ٺھيو، ايٽمي قوت بڻيو، پنجهتر سال گذري ويا ملڪي سياست ۾ مذھب ۽ سيڪيولرزم جو استعمال ۽ استحصال سندس جنم وٺڻ سان گڏ شروع ٿيو ۽ اڃا تائين ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو پر گَهٽجي ڪونه ٿو. هر هڪ سياسي پارٽي ۽ سياستدان جي ڪوشش ٻه چار مذھبي ڊائلاگ  هڻي يا آزاد خيالي جون ڳالهيون ڪرڻ پنهنجو سياسي اسڪور وڌائڻ  آھي.اسانجي مذھبي عالمن، سياسي جمهوري ۽ سيڪيولر ليڊرن،جي توجهه جو مرڪز دراصل ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ سماجي تعمير ڏانهن هجڻ گهرجي ها پر ايئن ڪو نه ٿيو ۽ ملڪ ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندو ويو. اهوئي سبب آھي جو پاڪستان هن ايڪيهين صدي ۾ سماجي ۽ اقتصادي فالج جهڙي مهلڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪو آھي جنهن جي علاج لاءِ موجوده وزير اعظم ميان شھباز شريف grand dialogue يعني ملڪ جي سڀني حصيدارن ۽ ڀاڱي ڀائيوارن ۾ کليل گفتگو يا ڳالهه ٻولھه جي شروع ڪرڻ تجويز پيش ڪئي آھي.

ميان صاحب جو هي عمل قابل تعريف سهي پر جيڪڏهن ان عظيم ڊائلاگ کي فقط ملڪي ادارن ۽ وفاق پرست پارٽين جي وچ ۾ محدود ڪيو ويندو ته اها هڪ فاش سياسي غلطي هوندي. هن ڳالھه ٻولھه ۾ ملڪ جي هر ننڍي وڏي پارٽي کي شامل حال ڪيو وڃي ۽ کين ٻڌو وڃي ڇو ته سندن خدشا دور  ڪرڻ سان ئي پاڪستان اڳتي وڌندو ۽ ترقي جي منزل ماڻيندو.

نون ليگ جي ڪوئليشن حڪومت ۾ سياسي اڪابرين جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي جيڪي ڀليءَ ڀت تاريخي ڄاڻ ۽ سياسي سچاين جو ادراڪ رکن ٿا. ياد رهي ته ورهاڱي کان اڳ پاڪستان جي نالي سان ڪنهن به نوآبادياتي ملڪ جو دنيا ۾ وجود ئي ڪونه هو جنهن جي ڪا جاگرافي يا territory هجي يا وري ڪا تاريخ. بلڪه گڏيل هندستان ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود رکندڙ صوبن جي اتحاد سان پاڪستان جو ٺھراءَ پاس ٿيو هو ۽ ملڪ جو وجود آيو هو.  هن ڊائلاگ ۾ پاڪستان جي نظرياتي ملڪ هجڻ يا نه هجڻ تي ڪو بحث ڇيڙڻ اجايو هوندو پر اهو به نه وسارڻ گھرجي ته پاڪستان کان سواءِ دنيا ۾ڪميونسٽ روس ۽ اسرائيل به نظرياتي ملڪ سڏيا ويندا هئا. اها به حقيقت آھي ته مٿيان ٻئي ملڪ آمريڪا جي ڪنهن يورپي ڪالوني وانگر بيابانن ۽ گهاٽن ٻيلن واريون رياستون نه هئا پر پنهنجي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا صدين کان مالڪ هئا. تنهن ڪري مٿين ٻنهي نظرياتي رياستن کي نئين قوم جي تخليق ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش ڪانه آئي جڏهن ته اسان وٽ هر صورت ۾ هڪ نئين قوم ٺاهڻ لاءِ ڏنڊو ڦرندو رهيو اوستائين جو وڃي نيٺ وڃي مشرقي پاڪستان الڳ ٿيو،پر پاڪستاني قوم نه ٺھي سگهي. آخر جنرل مشرف جهڙو ڊڪٽيٽر مهراڻ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾خطاب دوران پاڻ کي سرعام سنڌي چوڻ تي مجبور ٿيو هو. تاريخي قومون ۽ ثقافتون ڪنهن ڏاڍ ۽ جبر سان ختم نه ٿيون ڪري سگهجن.ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ تاريخي قومن جي وجود جو انڪار ئي، جمهوريت جي نه اپڙجڻ ۽ اقتصادي ۽ سماجي طور ملڪ جي پٺتي رهجي وڃڻ جو سبب آھي. تنهن ڪري گرينڊ ڊائلاگ جي ايجنڊا تي پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ تسليم ڪري ان جي وفاقي روح کي تسليم ڪجي ته اهو ملڪ جي مستقبل لاءِ بهتر ھوندو.

ٻئي طرف ڏسجي ته پاڪستان جي هر حڪمران کي، ورهاڱي جي آڳاٽن سالن کان وٺي،  ويندي اڄ تائين اسلامي دنيا جي اهم شخصيت ۽ دنيا جي مسلمانن جو اڪيلو ۽ اصلي نمائندو سڏائڻ جو شوق دامنگير رهندو اچي ٿو جنهن ملڪ جي سماجي ۽ سياسي سرشتي کي وڏو نقصان پهچايو آھي. تنهن ڪري حڪمران طبقي جي اهڙي مذھبي نرگسيت واري ڪيفيت کي به ڊائلاگ جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان جون مذھبي پارٽيون ملڪ کي مذھبي  قدرن تي هلائڻ جون سدائين خواهشمند رهنديون اچن ٿيون. ان جو سبب جيڪڏهن معاشري جي اصلاح ڪرڻ  آھي ته جي بسم الله پر مذھب جي نالي تي جيڪڏهن پاڪستان ۾ انتشار، ڏڦيڙ، ڪفر جون فتوائون، ايرانين ۽ عربن جون پراڪسي جنگيون وڙھڻ مطلوب آھي ته پوءِ هن ڳالھه ٻولھه يا ڊائلاگ ذريعي خدا ۽ پيغمبر صلعم جا واسطا وجهي کين قومي ڌارا کان الڳ ڪري ملڪ کي منزل ڏانهن وٺي وڃڻ جي شروعات ڪرڻ گھرجي.مذھب جي نالي تي ٿيندڙ proxy جنگين اسان جي معاشري جي سڀني اهم ٿنڀن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آھي. عربن ۽ ايرانين جي پراڪسي جنگ ۾ پاڪستاني عوام ايڏو ته ڦاٿل غلطان آھي جو هر مهل هر جاءِ تي عراق، شام ۽ افغانستان اسان جي بحث جا موضوع رهندا اچن ٿا. انهن جي ڳڻتي ۾ ڳرون ٿا پر تازو سزا کاڌل ڪشميري رهنما ياسين ملڪ ڪنهن کي ياد به ڪونهي. پراڪسي جنگين جو مرڪز پاڪستاني سرزمين رهي آھي.

انتها پسندي ۽ دهشتگردي اسان جي سڃاڻپ بڻجي وئي آھي. دنيا جي عوام جي ذھنن ۾ اها ڳالھه ويٺل آھي ته پاڪستاني معاشري ۾ هر قسم جو دهشتگرد ڪرايي تي موجود آھي. ڀڳڙن مٺ تي مذھبي دهشگرد به تيار ته لبرل دهشتگرد به دستياب. منهنجي نظر ۾ پاڪستان ۽ خاص طور  سنڌ اندر لبرل دهشتگرد جو ظھور مذھبي دهشتگرد کان گهڻو خطرناڪ ثابت پيو ٿئي جنهن پاڪستان جي رياستي ڍانچي ۽ سنڌ جي سماجي سرشتي کي وڌيڪ ڪمزور ڪري وڌو آھي. عمران خان نوجوان لبرل کي جنهن انتها تي وٺي ويو آھي اها ڳڻتي جوڳي صورتحال هڪ طرف آھي ته ٻئي طرف سنڌ جي سماج ۾ اڻسهپ يا عدم برداشت جو وڌي ويل عنصر ڳنڀير صورتحال پيدا ڪري چڪو آھي. سنڌ جو نوجوان پوري طرح مطالعو نه ڪرڻ سبب مارڪسي تعليمات جو به استحصال ڪندي نظر پيو اچي. مارڪسزم مطابق  سماجي شعور جي مختلف روپن جو بنياد سماج جي معاشي ڍانچي تي ٻڌل آھي  پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته سماج جي معاشي جوڙجڪ ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ انساني شعور جا ٻيا عنصر سماجي زندگي تي اثر انداز نٿا ٿين.  اينگلز چيو هو ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته فقط معاشي جوڙجڪ ئي سماج جو تعين ڪندڙ عنصر آهي، ته اهو اسان جي سڄي علمي  پورهئي کي هڪ بي معنيٰ جملي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي طرح پاڪستان جي مدرسن جا کُٿابي ۽ لبرل نوجوان ترتيبوار مذھب ۽ مارڪسزم جو پورو ۽ گهرو مطالعو نه ڪرڻ سبب فروعي ڳالهين کي ترجيح ڏيئي انتها پسندي جو شڪار ٿين ٿا.

هاڻي اچون وري اصل موضوع ڏانهن  ته رياست جڏهن ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندي آھي ته  معاشري ۽ حڪومت يا سماج سان لاڳاپيل مختلف گروهه طاقتور دهشتگرد جو روپ ڌاريندا آھن. رياست جي ڪمزوري جو بنيادي سبب غير مستحڪم حڪومتون هونديون آھن. ياد رهي ته دنيا جون مستحڪم حڪومتون ئي مستحڪم رياست جي ضمانت ڏينديون آھن پر بدقسمتي سان شروع کان وٺي پاڪستان جي اها سياسي روايت رهي آھي ته ڪنهن به حڪومت کي پنهنجو پارلياماني مدو پورو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آھي. خاص طور اهڙي سياسي روايت گذريل پندرنهن سالن ۾ اڃا  وڌيڪ مضبوط ٿي آھي جنهن هيٺ هر وزير اعظم کي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪيو ويو آھي. ملڪ جي سياست جو اهو پهلو به غور طلب ۽ ڊائلاگ جو حصو هجڻ گھرجي.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آھي سندس آئين به وفاقي نوعيت جو آھي آئين جي آرٽيڪل 2 ۾ وفاقِ پاڪستان جي واضح ۽ چٽن لفظن ۾ تشريح پڻ ٿيل آھي. دراصل وفاق ۾ شامل صوبن ئي پاڪستان  کي وجود ڏنو هو. علم سياسيات جي نقطه نظر کان پاڪستاني وفاق لاريب ته هڪ رضاڪاراڻو اتحاد آھي. بنگال جي جدا ٿيڻ کان پوءِ موجوده وفاق ۾ سنڌ اڪيلو صوبو بچيو آھي جنهن گڏيل هندستان ۾ پاڪستان جي واضح ۽ کلم کلا گھر ڪئي هئي. بنگال ۽ سنڌ کان سواءِ پاڪستان جا ٻيا وفاقي يونٽ، پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان، آل انڊيا مسلم ليگ جي مطالبي تي پاڪستان ۾ شامل ٿيا هئا. هن وقت وفاقي ۽ صوبائي سطح جون ڪجھه پارٽيون پاڪستان جي خالق سنڌ صوبي کي ورهائڻ جي گهر ڪري رهيون آھن جيڪا آئين جي توهين ۽ ان جي آرٽيڪل 2 جي خلاف ورزي آھي. سنڌ جو عوام انتظامي يونٽن ٺاهڻ جي  بهاني ۾ صوبي کي ٽڪرا ڪرڻ واري سازش کي ملڪ جي خلاف هڪ وڏي سازش سمجھي ٿو. تنهن ڪري  پاڪستان خلاف اهڙي سازش کي هميشھ لاءِ ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت سان گڏو گڏ صوبن وچ ۾ اتحاد بحال رکڻ به وفاق جي ذميوارين ۾ شمار ٿئي ٿو.

جيستائين ملڪ جي جمهوري ۽ اقتصادي ترقي جو سوال آھي ته ان لاءِ اها چوڻي ذھن نشين ڪرڻ گھرجي ته هن ملڪ ۾ هر فوجي ڊڪٽيٽر  جمهوريت پسند ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ هر سويلين حڪمران  وري ڊڪٽيٽر ٿيڻ کي ترجيح ڏني آھي.ان باوجود ملڪ ۾ جنرل ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جا دور اقتصادي ترقي جا دور شمار ڪري سگهجن ٿا. گرينڊ ڊائلاگ ۾ ان تي بحث ٿيڻ جي به ضرورت آھي ته سويلين ۽ ڊڪٽيٽر حڪمرانن جي دور ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪهڙيو رهيون ۽ ملڪ معاشي طور ڇو اڀري اڳتي اچي نه سگهيو. گرينڊ ڊائلاگ کان هٽي ڪري ٻي اهم ڳالھه جيڪا ماڻھن جي زبان تي آھي ته ملڪ سريلنڪا وانگر ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو آھي. ياد رهي ته پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ آھي ۽ دنيا ۾  سندس جيو پوليٽيڪل اهميت تسليم ٿيل آھي. ان کان سواءِ دنيا جون سڀئي وڏيون طاقتون پنهنجي پنهنجي پراڪسي جنگ جو هڪ بهترين ميدان پاڪستان کي سمجھي رهيون آھن. آمريڪا،چين ۽سعودي عرب جا هرطرح جا مفاد پاڪستان سان ڳنڍيل آھن تنهن ڪري هلڪي سلڪي کَڙَ کُڙڪي کان پوءِ اهي دوست  ملڪ پاڪستان جي ڀرپور مدد لاءِ هميشھ  تيار هوندا آھن البته پاڪستان کي اندروني استحڪام جي گهڻي ضرورت آھي ۽ اندروني استحڪام فقط گرينڊ ڊائلاگ ذريعي آڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ملڪ جي ڪنهن  به شھري کي غدار ۽ ڪافر قرار ڏيڻ بند  ڪيو وڃي. هن قسم جي ڳالھه ٻولھه ۾ خلوص ۽ سچائي جي ضرورت آھي جنهن سان حقيقي طور هڪ نئين ۽ مستحڪم پاڪستان ٺاهڻ جي شروعات ڪري سگهجي ٿي.

[email protected]