ڪراچي(رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جماعت اسلامي پاران داخل درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ کي شهر ۾ لوڊشيڊنگ کان روڪي ڇڏيو، عدالت  چيو ته شهر ۾ گرمي جي لهر سبب پريشاني واري صورتحال آهي، ڪي اليڪٽرڪ عوام کي بنا دير بجلي فراهم ڪري، عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري ڪندي 15 جولاءِ تائين جواب طلبي ورتو، عدالت گرمي جي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ پلان به طلب ڪري ورتو.