ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت گٽر نالن ڀرسان ٺهيل گهرن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل اسٽي آرڊر به ختم ڪري ڇڏيا. ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نالن جي آسپاس اڏاوتون ڪيون ويون آهن، جن کي ڪجهه ادارن طرفان ليز پڻ ڏني وئي هئي، جنهن تي عدالت چيو ته اهڙن ماڻهن کي سنڌ حڪومت معاوضو ادا ڪري. متاثرن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ نالن جي آسپاس روڊ ٺاهڻ جو ڪٿي به حڪم ناهي ڏنو، ڇهه هزار ماڻهن جو مسئلو آهي، متبادل زمين ۽ معاوضو ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس متاثرن جي وڪيل کان پڇيو ته ڏنل ليزون قانوني آهن؟ جنهن تي متاثرن جي وڪيل چيو ته ليزون قانوني آهن، پهريان سمورن ماڻهن کي معاوضو ڏنو وڃي، پوءِ حددخليون ختم ڪيون وڃن جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سموري ليز جعلي آهي، جيڪڏهن ماڻهن جي ليز جو سوال ڪندا ته شهر ۾ ڪيترائي ماڻهو هوندا. ان موقعي تي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسان حددخليون ختم ڪرڻ کي روڪي نٿا سگهون، سنڌ حڪومت کي متاثرن جي بحالي جو حڪم ڏينداسين، ان کان اڳ گجر ۽ اورنگي نالن جي رهواسين سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڌرڻي سبب آءِ آءِ چندريگر روڊ ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. احتجاجي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ گهر جي عيوض گهر ڏيو، حددخلين جي آڙ ۾ ليز تي گهر ڊاهڻ بند ڪريو ۽ ٻيا نعرا لکيل بينر هئا.