گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

0
111
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن کي معاوضن جي ادائگي واري ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين اختيارين کي طلب ڪري ورتو آهي

متاثرين جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته متاثرين کي ڀاڙي جي مد ۾ ڪافي چيڪ مليا آهن پر متبادل گهر ڏيڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيو آهي

 سپريم ڪورٽ جو حڪم هو ته متاثرين کي 80 گز جا گهر ٺاهي ڏيو، سرڪاري وڪيل جواب لاءِ مهلت جي استدعا ڪري ڇڏي، ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

 ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻاهران گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جو احتجاج، ڀاڙي جي مد ۾ رهيل چيڪ جاري ڪرڻ ۽ گهر ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو