گاڏي جي بانٽ ويھي ڪنوار پاران شادي ۾ انٽري

0
293

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ھرڇوڪري جي خواھش ھوندي آھي تھ شادي ۽ شادي جي رسمن کي ھر حوالي سان يادگار ثابت ڪيو وڃي ۽ اھڙي خواھش کڻي ڀارتي ڪنوار ھڪ عجيب ۽ غريب قدم کنيو، ڀارتي ميڊيا تي ھڪ ڪنوار جي وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪنوار کي شادي جي تقريب واري ھنڌ تي جيپ جي اندر ويھڻ انٽري بدران گاڏي جي بانٽ تي ويھاري ايندي ڏسي سگھجي ٿو، ڀارتي ميڊيا موجب ڪنوار جي دلچسپ انٽري جو واقعو ڀارتي شھر پوني ۾ پيش آيو، جتي عروسي لباس پھري ۽ بغير ماسڪ ھنيل گاڏي جي بانٽ تي ويھي ڪنوار جي انٽري کي ڏسي سگھجي ٿو، ميڊيا موجب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو بعد ڪنوار سوڌو ان جي مائٽن کي ڏکيائي پيش آئي، ڀارتي پوليس پاران ڪنوار ۽ ان جي مائٽن خلاف موٽر وھيڪل ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.