گاجي کهاوڙ (ن پ ا) آر ڊي 34 جا درواز بند هئڻ جون خبرون هلڻ کانپوءِ ڊي سي قمبرارٿر برانچ جي 34 آر ڊي جو  هڪ دروازو کولرائي ڇڏيو. جڏھن ته 2 دروازا بند پيلآھن ارٿر برانچ جي 34 آر ڊي جا ٽئي دروازا بند هجڻ ڪري گاجي کهاوڙ ۽ نصيرآباد جي شاخن چيلو شاخ، مڱيو شاخ، کهاوڙ شاخ ۽ ٻين ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي ۽ شاخن مان واري اڏامي رهي آھي. ڊي سي قمبر رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ارٿر برانچ جي آر ڊي 34 جي بند دروازن جو نوٽيس ورتو آھي. هڪ دروازو کولرايو آھي، 2 دروازا خراب آھن، مستري گهرائي انهن دروازن کي مٿي کولي ۽ ٽئي دروازا کولي پڇڙي جي شاخن تائين پاڻي پهچايو ويندو.هوڏانهن آبادگارن مشتاق کهاوڙ، خداداد کهاوڙ چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري سارين جا ٻج ناهيون پوکي سگهيا.