گاجي کهاوڙ ڀرسان اسڪول ۾ پکا ۽ بجلي اڻلڀ، شاگرد بيحال

0
289

گاجي کهاوڙ ڀرسان اسڪول ۾ پکا ۽ بجلي نه هئڻ ڪري گرمي سبب شاگرد بيحال ٿي ويا، دانهون ڪرڻ جي وڊيو وائرل.

ڳوٺ مراد ڀٽي جي پرائمري اسڪول ۾ پکا ۽ بجلي نه هئڻ ڪري سخت گرمي سبب شاگرد بيحال ٿي ويا، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو قهر جي گرمي ۾ شاگرد دانهون ڪري رهيا آھن.

ويڊيو ۾ دانهيندي شاگردن چيو ته اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پکا ناهن ۽ گرمي سبب پڙھي نٿا سگهون جنهن ڪري اسان جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته گرمي جي ڪري ڪافي شاگرد اسڪول نٿا اچن، هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ مراد ڀٽي جي اسڪول ۾ سولر پکا لڳرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.