ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) خوراڪ کاتي پاران امدادي اگهه 2200 رپيا في مڻ  تي ڪڻڪ خريداري وارو عمل سست رفتاري جو شڪار، اختيارين ڊي ايف سيز جي ڪارڪردگي کي ناقص قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر  حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ريجنز جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي خط لکي پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين خريداري سينٽرن تي امدادي اگھن تي ڪڻڪ جي ٿيل خريداري کي تمام گھٽ ڄاڻائيندي سمورن ضلعن جي  اختيارين جي ڪارڪردگي کي ناقص قرار ڏنو آهي،  خط ۾ ريجنل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪڻڪ خريداري وارو مقرر ڪيل حدف  هر حالت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 8 ضلعن تي ٻڌل سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجنن  ۾ ڪڻڪ خريداري جو هڪ سيڪڙو ٽارگيٽ به مڪمل ناهي ٿيو، جڏهن ته شهيد بينظير آباد ريجن ۾ 13، ميرپورخاص ۾ 25 ۽ حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي، اختيارين خط ۾ لاڳاپيل ريجنز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر توڙي ضلعي ڊي ايف سيز جي نااهلي جو اعتراف ڪندي کين هدايت ڪئي آهي ته خريداري وارو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو وڃي،  هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ قائم ڪيل ڊبليو پي سي (ڪچن سينٽرن ) خريداري سينٽرن تان خريد ڪيل ڪڻڪ پي آر سي (پڪن سينٽرن) تائين منتقل ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ٺيڪن جا ٽيندر به نه ڪرايا ويا آهن، جنهن ڪري ڪچن خريداري سينٽرن تان خريد ڪيل  نئين ڪڻڪ  پڪن سينٽرن تي منتقل نه ٿي سگهي آهي