اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران حڪومت ۾ ملڪ اندر ڪڻڪ جي موجودگي باوجود ڪڻڪ پرڏيهه مان ڇو خريد ڪئي وئي ؟ وزيراعظم جاچ لاءِ ڪابينا ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽري جي ڪامران علي افضل جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي آفيسر کي به هٽايو ويو. ڪالھه وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ اندر ڪڻڪ جي ذخيرن جي موجوده صورتحال جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو،  وزير اعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان هلندڙ سال ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آھي، هن هدايت ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪنهن قسم جي دير نه ٿيڻ گهرجي، ڪڻڪ جي خريداري بابت تمام ضروري قدم کنيا وڃن، هارين کي انهن جي محنت جو معاوضو جلد ملڻ گهرجي، اجلاس دوران وزير اعظم ڪڻڪ جي گذريل سال درآمد  بابت فوڊ سڪيورٽي وزارت کان تفصيل دريافت ڪيا ۽ چيو ته گذريل سال ڪڻڪ جي سٺي فصل لهڻ باوجود ڪڻڪ پرڏيھه مان ڇو درآمد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو؟ ڪهڙن سببن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو؟ جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي، ڪابينا ڊويزن جو سيڪريٽري انڪوائري ڪاميٽي جي سربراهي ڪندو اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد چيمه ، رانا تنوير حسين ،محمد اورنگزيب ،جام ڪمال ، وزير اعظم جو ڪوآڊينيٽر رانا احسان افضال ۽ ٻيا به موجود هئا. هوڏانهن فوڊ سڪيورٽي وزارت ۾ مقرر گريڊ 21 جي آفيسر ڪيپٽن رٽائر محمد آصف کي هٽائي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ او ايس ڊي مقرر ڪيو ويو آھي جڏهن ته اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل  گريڊ 22 جي آفيسر محمد فخر عالم عرفان کي فوڊ سڪيورٽي وزارت جو وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي اسٽبلشمينٽ ڊويزن اهڙي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي.