ڪي پي ڪي جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو عمل جاري، ڌانڌلي جا الزام

0
246
ڪي پي ڪي جي 17 ضلعن

پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو عمل جاري آهي، ميئر سٽي ڪائونسل ۽ تعلقه چيئرمينن جي چونڊ به اڄ ٿيندي، چونڊن م 37 هزار 732 اميدوار حصو وٺي رهياآهن، وليج ۽ نيبر هڊ ڪائونسلز ۾ عورتن جي سيٽن لاءِ 3 هزار 870 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، چونڊ عمل صبح 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندو

جي يو آءِ اڳواڻ ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اڪرم خان دراني الزام لڳايو آهي ته پي ٽي آءِ جي صوبائي وزير شاهه محمد خان بنون جي تعلقي بکا خيل ۾ 5 پولنگ اسٽيشنن تي چڙهائي ڪري سامان ۽ عملي کي اغوا ڪري ورتو آهي

بنون جي تعلقي بکا خيل ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن بکا خيل تعلقي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪندي چيو آهي ته چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو

بنون جي علائقي نرمي خيل ۾ گذريل رات هٿياربندن ٽن پولنگ اسٽيشنن تي حملو ڪري پولنگ جو سامان چوري ڪري ورتو

صوبائي اليڪشن ڪمشنر حبيب الرحمان موجب جوابدارن پولنگ جو سامان اڻڄاتل هنڌ تي کڻي ويا آهن، ٽنهي پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو هو

مردان جي تعلقي ڪاٽلنگ ۾ چيئرمين شپ لاءِ ن ليگ جو اميدوار جي يو آءِ ف جي اميدوار جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو، ن ليگ اميدوار ثمر خان جو چوڻ آهي ته اسان پي ڊي ايم جو حصو آهيون ۽ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيڻ لاءِ جي يو آءِ جي حق ۾ استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان

پشاور، نوشهره، چارسده، خيبر، مهمند، مردان، صوابي، ڪوهاٽ، ڪرڪ، هنگو، بنون، لڪي مروت، ڊيرا اسماعيل خان، ٽئنڪ، هري پور، بونير ۽ باجوڙ ۾ مجموعي طور تي 26 لک 68 هزار 862 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا