ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت ڪي پي ٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري معاملي تي نيب جي جاچ آفيسر کي ريفرنس ۾ ڪرپشن جي مجموعي ماليت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت  چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيتري ڪرپشن ٿي آهي؟ 14 مارچ تائين رپورٽ ڏني وڃي  ريفرنس ۾ اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري، ايم پي اي جاويد حنيف، رئوف اختر فاروقي ۽ ٻيا نامزد آهن، جن مان بابر غوري مفرور ۽ سپارس خان لاڏاڻو ڪري ويو آھي