ڪي پي جي خالي سينيٽ جي سيٽ تي اليڪشن، شوڪت ترين مضبوط اميدوار

0
157
ايف آءِ اي شوڪت ترين خلاف

ڪراچي (م ڊ) خيبرپختونخواهه مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي، چونڊن لاءِ پولنگ صوبائي اسيمبلي جي پراڻي هال ۾ ٿي رهي آهي، جيڪا صبح 9 وڳي شروع ٿيندي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي

پي ٽي آءِ ايوب آفريدي کان سينيٽ تان استعيفيٰ ڏياري شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني هئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار جي مقابلي ۾ اي اين پي جو شوڪت اميرزادو، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه وچ ۾ مقابلو آهي

145 رڪني صوبائي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ 94، جي يو آءِ ف 15، اي اين پي 12، مسلم ليگ ن 7، پيپلز پارٽي 5، بلوچستان عوامي پارٽي 4، جماعت اسلامي 3 ۽ مسلم ليگ (ق) جي اميدوارن جو انگ 3 آهي، جڏهن ته آزاد ميمبرن جو تعداد 4 آهي

سينيٽر چونڊجڻ لاءِ اميدوار کي 145 ميمبرن مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ گهرجن