پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڱاري تي ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب وزيراعليٰ ڪي پي ڪي محمود خان عمران خان جي هدايت جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ ڪالهه ان حوالي سان کيس هدايتون ملي ويون آهن ۽ اڱاري تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر کي موڪلي ويندي، وزيراعليٰ ڪي پي ڪي آرٽيڪل 112 تحت گورنر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري موڪليندو، 48 ڪلاڪن ۾ گورنر پاران سمري تي صحيح ڪندو، ٻي صورت ۾ اسيمبلي پاڻمرادو ٽٽي ويندي، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪي پي ڪابينا جي ميمبرن کي صوبي ۾ چونڊن جي تياري جي به هدايت ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ ڪي پي ڪي اسيمبلي اڱاري ڏينهن ٽوڙڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري اڱاري تي گورنر کي موڪلي ويندي، محمود خان دعويٰ ڪئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان ٻيهر حڪومت ۾ ايندي.

پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ محمود  خان ۽ پرويز خٽڪ کي ڪي پي ڪي اسيمبلي اڱاري ڏينهن ٽوڙڻ تي اختلاف، تاريخ تبديل ڪرڻ تي زور ڀريو، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ڪي پي ڪي ڪابينا جو وڊيو لنڪ تي اجلاس ٿيو، اجلاس جي اندروني ڪهاڻي موجب اجلاس ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو پر اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي اختلاف رهيو، ذريعن موجب وزيراعليٰ ڪي پي ڪي محمود خان اسيمبلي اڱاري بدران جمعي تي ٽوڙڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي جي صدر پرويز خٽڪ به اڱاري ڏينهن اسيمبلي ٽوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، پرويز خٽڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته صوبائي اسيمبلي 21 جنوري کانپوءِ ٽوڙڻ گهرجي، شهبازشريف جي اعتماد جي ووٽ تائين ڪي پي ڪي اسيمبلي نه ٽوڙڻ گهرجي، جڏهن ته عمران خان چيو ته جيڪڏهن اڱاري تائين ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري نه موڪلي ته گهڻي دير ٿي ويندي.