سکر: سال 2007ع ۾ اُن وقت جي حڪومت طرفان سکر بس ٽرمينل ويجهو 90 ايڪڙن تي مشتمل ڪيٽل ڪالوني قائم ڪئي، جنهن ۾ 2 سو جي لڳ ڀڳ واڙا آهن، ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ 3 ڪيٽيگريز اي بي ۽ سي تحت واڙا قائم ڪيا ويا آهن، اُن وقت جي ناظم سيد ناصر حسين شاهه، ڊي سي عبدالمجيد پٺاڻ شهر مان واڙا منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ کين سموريون سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جيڪو هن وقت تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو.