بينگلور (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف اهم ميچ کان اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي. ڪيوي ٽيم جا ڪيترائي رانديگر انجريءَ جو شڪار آهن ۽ ان فهرست ۾ هاڻ ميٽ هينري به شامل ٿي ويو آهي. ميٽ هينري ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ هيمسٽرنگ انجريءَ جو شڪار ٿيو هو ۽ هن ڏکڻ آفريقا خلاف رڳو 5.3 اوور ڪرايا هئا. ميٽ هينري جو اوور جمي نيشم مڪمل ڪيو هو پر جمي نيشم به ٻانهن ۾ بال لڳڻ سبب انجريءَ جو شڪار ٿي ويو هو ۽ اٺين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ آيو هو. ڪيوي رانديگر لوڪي فرگيوسن، مارڪ چيپمين ۽ ڪين وليمسن اڳ ئي انجري جو شڪار آهن