نيروبي(م ڊ) ڪينيا ۾ اضافي ٽيڪسن خلاف عوامي احتجاج سامهون حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا، صدر وليم روٽو مالياتي فنانس بل تي صحي نه ڪئي، 2 ڏينهن اڳ فنانس بل ۾ اضافي ٽيڪسن خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين پارليامينٽ جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پوليس سان جهڙپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ٽي وي تي خطاب ڪندي ڪندي ڪينيا جي صدر وليم روٽو چيو ته ڪينيا جي ماڻهن واضح طور تي چئي ڇڏيو آهي ته انهن کي هي بل منظور ناهي ان ڪري آئون سندن مطالبو تسليم ڪندي بل تي صحي نه ڪندس ۽ ان کي واپس وٺي رهيو آهيان. صدر وڌيڪ چيو ته ڪينيا جي نوجوانن سان ڳالهيون ڪندس، خرچن ۾ گهٽتائي جا قدم کنيا ويندا، جنهن جي شروعات حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي سان ٿيندي.