ڪيمپس ۾ ترسيل ماڻهن جي واپسي انتظاميا جي اجازت سان مشروط

0
232
ڪيمپس ۾ ترسيل ماڻهن جي واپسي انتظاميا جي اجازت سان مشروط
ڪيمپس ۾ ترسيل ماڻهن جي واپسي انتظاميا جي اجازت سان مشروط

ڪراچي: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو چيو آهي ته ڪئمپن ۾ ترسايل ماڻهن کي واپس سندن گهرن ڏانهن موڪلڻ جو عمل سڀاڻي کان شروع ڪيو ويندو، پر حتمي فيصلو ڪور ڪمانڊر ۽ ڪمشنر سان ملاقات کانپوءِ ڪيو ويندو

هن چيو ته ٺٽي جي سامونڊي علائقن مان لڳ ڀڳ 24 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، انهن مان 5000 ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته باقي ڪراچي ۽ بدين جي مختلف علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن ۽ انهن کي حڪومت طرفان ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي

مقامي ميڊيا ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيٽي بندر جا رهواسي طوفان جو خطرو ختم ٿيڻ بعد واپس پنهنجن علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن، پر ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو جو چوڻ هو ته جيستائين حڪومت ڪو فيصلو نه ڪندي تيستائين ساحلي علائقن ۾ ماڻهن کي واپس وڃڻ نه ڏنو ويندو

ٻئي پاسي ڪيمپس ۾ ويٺل ماڻهن جو چوڻ آهي ته انتظاميا رڳو ميڊيا تي اچي دعوائون ڪري رهي آهي ته اسان متاثرن کي ٽرانسپورٽ ڏني پر اصل ۾ اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت پهتا آهيون، جڏهن ته ڪيپمس ۾ به سهولتون ناهن

هي به پڙهندا

طوفان ٽري ويو، متاثرن جو وڏو انگ آهي، ڪٿي ڪٿي پهچون؟ شيري رحمان