ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي: شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

0
68
ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي: شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب، اسپتال داخل
ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي: شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) “ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي”، جھڙا ٻول لکندڙ شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب هجڻ ڪري هُن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي

ٿر واسي پروفيسر سائينداد ساند کي آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن آنڊي جي آپريشن بعد سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، سائينداد ساند ھن وقت وينٽي ليٽر تي آھي

ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ چئن ڏينهن کان داخل پروفيسر سائينداد ساند جي ثقافت کاتي سار نه لڌي