ڪوٽ غلام محمد واسي شهيد فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

0
227
ڪوٽ غلام محمد واسي شهيد فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي
ڪوٽ غلام محمد واسي شهيد فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد شهر جمڙائو موري واسي نوجوان شھيد فوجي وقار خاصخيلي ولد محمد جميل خاصخيلي جو لاش سندس گهر پهچي ويو

شھر جي انٽري گيٽ تي وڏي تعداد ۾ شهرين شھيد جي مڙهه جو  شاندار استقبال ڪيو ۽ شھيد جي ايمبولينس مٿان گلن جي ورکا ڪئي

شھيد فوجي سپاهي وقار خاصخيلي جي جنازي نماز مال پڙي گرائونڊ ۾ فوجي اعزار سان ادا ڪئي وئي جنهن ۾ هر ٻولي ڳالهائيندڙشرڪت ڪئي

شھيد جي لاش کي سيد ناٿن شاه قبرستان ۾ فوجي نوجوانن جي سلامي کان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته شھيد فوجي نوجوان وقار خاصخيلي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ فوج جي اعليٰ عملدارن ڪرنل ڪامران ، ليفٽنٽ اسامه، ڪيپٽن سرمد ۽ فوجي نوجوانن شرڪت ڪئي

 

ھي به پڙھندا

گڏيل اپوزيشن جي نئين حڪومت ۾ به مهانگائي گهٽ ٿيڻ بجاءِ چوٽ چڙهي وئي