ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي سچل گرائونڊ لڳ سڪندر هائيٽس ۾ عمرڪوٽ واسي فوجي اهلڪار 35 ورهين جي مرتضي’ شيخ جو ڳچي ۾ ڦاهو کاڌل پنکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، فوتي جوان جي جسم تي تشدد جا نشان، لاش جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش کي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو، واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا، موجود ماڻهن ۽ پاڙيسرين موجب ڄاڻايل فليٽ ڪافي وقت کان بند هو جنهن ۾ نوجوان جو لاش ڪيئي سوال اٿاري رهيو آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ عورت شائستا سميجو کي گرفتار ڪري ورتو. فليٽ مالڪ ظهير سميجو فوتي نوجوان کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي فليٽ ڪنهن ٻئي شخص کي مسواڙ تي ڏنل هو، فوتي نوجوان ڪير آهي ۽ هن خودڪشي ڪئي آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي ان جي کيس ڄاڻ ناهي، ڪوٽڙي پوليس موجب شروعاتي معلومات موجب معاملو خودڪشي نه پر قتل لڳي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته فوتي جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي معاملو واضح ٿي سگهندو. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته فوتي پاڪ فوج ۾ سپاهي هيو، فوتي جي زال دادو رهندڙ هئي جيڪا ساڻس ملڻ آئي ته فليٽ جو دروازو بند هيو جنهن پاڙي وارن کي سڏائي دروازو کولايو ته سندس مڙس جو لاش پنکي ۾ ٽنگيل نظر آيو.