ڪوٽڙي: عورت کي بچائيندي ڪراچي واهه ۾ چار ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان ٻن کي بچايو ويو جڏهن ته ٻڏي ويل ٻن ڄڻن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي. ٻڏي ويلن ۾ 22 سالن جو ارشد مسيح ۽ 9 سالن جو عمران مسيح شامل آهن جڏهن ته شارون مسيح ۽ نير سلطان مسيح کي مقامي ماڻهن بچائي ورتو. واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته عورت کي بچائڻ ڪجھه ماڻهو پاڻي ۾ لٿا ته چار ڄڻا ٻڏي ويا، جڏهن ته عورت کي بچايو ويو.